انب ۽ ڪيلي جو گڏيل ذائقو رکندڙ ميوو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انب جنهن کي ميون جو بادشاهه چيو ويندو آهي هر شخص کي پسند هوندو  آهي، اهو ميوو پنهنجي اندر گھڻا فائدا به رکي ٿو، اهڙا ئي فائدا رکندڙ ميوو ڪيلو به آهي.

پر ڇا اوهان ڪيلي ۽ انب جو گڏيل ذائقو رکندڙ ميوو کاڌو آهي؟

اهڙو ميوو اتر آمريڪا جي ٻيلن ۾ ڦٽي ٿو جنهن کي پاپا چيو ويندو آهي. ڪيلي ۽ انب جو ذائقو رکندڙ ان ميوي کي ڪسٽرڊ ايپل به چيو ويندو آهي.

اهو ميوو پراڻي زماني ۾ جڏهن آمريڪا ترقي يافتا نه هو، گهڻي سولائيءِ سان ملي ويندو هو. چيو ويندو آهي ته آمريڪا جو پهرين صدر جارج واشنگٽن ان ميوو کي گھڻو کائيندو هو.

ھي به ڏسي سگھو ٿا: ڇا ڪارو لوڻ عام لوڻ کان وڌيڪ فائديمند آهي..؟

ان ميوي ۾ صوف، نارنگي ۽ ڪيلي کان وڌيڪ پروٽين موجود هوندو آهي جڏهن ته ان ۾ وٽامن اي، وٽامن سي ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس به گهڻي مقدار ۾ موجود هوندا آهن.

 اهو ميوو جلدي خراب ٿي ويندو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ان کي واپاري بنيادن تي وڪرو نٿو ڪري سگھجي، شهرن ۾ عام گروسري اسٽورن ۾ به ان جو ملڻ ڏکيو آهي.

جيڪڏهن اوهان اهو کائڻ چاهيو ٿا ته اوهان کي اتر آمريڪا جي ٻيلن جو رخ ڪرڻو پوندو جتي اهو ميوو تازي حالت ۾ موجود آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.