”عوام جي وڌيڪ کَل نه لاهينداسين“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته 464 دوائون اگهه وڌڻ سبب عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويون ۽ ان حوالي سان وزيراعظم قيمتون واپس پنهنجي اصل حالت ۾ آڻڻ جو حڪم ڏنو هو.

صحت بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دوائن جا اگهه پاڪستان ۾ هڪ وڏو مسئلو رهيو آهي، 464 دوائن جي قيمتن بابت عوام ۾ بيچيني پکڙجي وئي، اهي عوام جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن، ان صورتحال ۾ وزيراعظم حڪم جاري ڪيو ته 72 ڪلاڪن ۾ اگهه واپس پنهنجي اصل حالت تي آندا وڃن، اهو ان وقت ٿيو جڏهن مون کي خاص مددگار جي ذميواري سونپي وئي.

سندس چوڻ هو ته اسان جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪجهه تجويزون ڪابينا سامهون رکيون، اسان جو پهريون فيصلو جنهن جي ڪابينا منظوري ڏني، اهو هو ته 464 مان جن دوائن جون قيمتون 75 سيڪڙو کان وڌيڪ وڌايون ويون، انهن کي واپس 75 سيڪڙو تي آندو وڃي، جڏهن ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي ۾ سڌارا آندا ويندا، ملڪ ۾ سستين دوائن جي تياري جو عمل شروع ڪيو ويندو، لاهور ۽ ڪراچي جي فارما انڊسٽري جي مالڪن سان ملاقات ڪنداسين.

You might also like