هاڻي ڊرون ڀِتيون رنگڻ لڳا

روم (ويب ڊيسڪ) ڊرون جاسوسي، شوٽنگ ۽ طبي اوزارن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ جي عمل لاءِ استعمال ٿيڻ کان پوءِ هاڻي ڀتن کي رنگ ڪرڻ جو ڪم به ڪرڻ لڳا.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اٽلي ۾ ماهرن چار عدد ڊرونز کي گڏ استعمال ڪري هڪ وڏي ڀت تي خوبصورت پينٽنگ ٺاهڻ جو عملي مظاهرو ڪيو آهي جنهن کي عام طور تي گريفيٽي چيو ويندو آهي.

هڪ منصوبي تحت اهو مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي “اربن فلائنگ اوپرا” (يو ايف او) پروجيڪٽ جو نالو ڏنو ويو آهي.

اٽلي جي انتظاميا مختلف ماڻهن کان ڪيترن ئي متاثر ڪندڙ منصوبن جا تفصيل گھريا جنهن کان پوءِ ڄاڻايل مقابلو هڪ ڊيزائننگ ڪمپني ڪارلو ريٽي ڪمپني طرفان منعقد ڪرايو ويو هو جنهن ۾ هڪ هزار ماڻهن پنهنجا پنهنجا پراجيڪٽ موڪليا جن مان رڳو  100 پراڪٽس کي قبول ڪيو ويو.

پروجيڪٽ تحت پولي ٽيڪنڪ يونيورسٽي آف ٽيورن ۽ ٽيورن يونيورسٽي گڏيل طور تي ڊرون جي مدد سان هڪ وڏي ڀت پينٽ ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪيو جنهن کي عملي مظاهري جي دعوت ڏني وئي.

پينٽنگ لاءِ هڪ ڪار ٺاهيندڙ ڪمپني جي ڀت جي چونڊ ڪئي وئي جيڪا اٽلي جي شهر ٽيورن ۾ موجود آهي. 25 ۽ 26 جون تي پروگرام سان ڪنٽرول ڪيل چئن ڊرونن سموري ڀت تي هڪ خوبصورت پينٽنگ ٺاهي ورتي.

مرڪزي ڪنٽرول سسٽم هر ڊرون ۽ رنگن کي ڌار ڌار ڪنٽرول ڪيو ۽ ماهرن ان سموري عمل جو غور سان جائزو وٺندا رهيا.

ان عمل ۾ 14 ميٽر ڊگھي ۽ 12 ميٽر ويڪري ڀت جي چونڊ ڪئي وئي جنهن تي ٽن مختلف رنگن جا تهه ڏنا ويا.

ان ۾ ڪاري رنگ کي مضمون بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. ڳاڙهي رنگ کي ٽيورن جي شهري زندگي ۽ ٻيا جز ڏيکاريا ويا. جڏهن ته سائي رنگ سان سموري مضمون يا اسٽوري جو منظر پيش ڪيو ويو. اهڙي ريت هڪ وڏي ڀت تي پهريون ڀيرو ڊرون جي مدد  سان هڪ پيچيدهه ڊرائنگ بڻائڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.