صحت جي شعبي ۾ انقلابي تبديليون آڻي رهيا آهيون: ڊاڪٽر ظفر مرزا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته عوام کي بنيادي صحت جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪنداسين.

وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا صحت جي بنيادي مرڪز شاهه الله دتا جو دورو ڪيو، صحت واري وزارت جو سيڪريٽري ڊاڪٽر الله بخش ملڪ ۽ ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ ڊاڪٽر اسد حفيظ به ساڻس گڏ هئا.

ڊاڪٽر ظفر مرزا کي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر طرفان موجود چئنلينجز ۽ مسئلن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته اسلام آباد ڪيپيٽل جي هيلٿ ڪيئر سسٽم کي ماڊل هيلٿ ڪيئر سسٽم بڻائڻ جي شروعات ڪري رهيا آهيون، ماڊل هيلٿ سينٽر جي شروعات شاهه الله دتا جي بنيادي هيلٿ يونٽ کان ڪري رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته هر مهيني ان بنيادي صحت مرڪز جو دورو ڪندس، جاري سڌارن ۽ ترقياتي ڪمن جي مانيٽرنگ آئون پاڻ ڪندس، منهنجي سڄي ٽيم وڏي محنت سان ان تي ڪم ڪري رهي آهي، بنيادي هيلٿ يونٽ کي مثالي يونٽ بڻائينداسين، ان کي ماڊل طور تي پيش ڪنداسين.

هن چيو ته اسلام آباد جا صحت مرڪز اليڪٽرانڪ رڪارڊنگ ۽ ڪمپيوٽرز ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هوندا، اسان وٽ هتان جي سموري آبادي جي ڊيٽا موجود هوندو.

ظفر مرزا موجب ماڻهن جي سمورين بيماريون ۽ انهن جي موجودگي بابت اسان وٽ ڄاڻ هوندي، اسلام آباد هيلٿ ڪيئر سسٽم ايندڙ ڏيڍ سال اندر هڪ ماڊل هيلٿ ڪيئر سسٽم بڻجي ويندو، صحت جي شعبي ۾ انقلابي تبديليون آڻي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.