ڊاڪٽر ثانيا نشتر وزيراعظم جي خاص مددگار مقرر

اسلام آباد ( بيورو ) ڊاڪٽر ثانيا نشتر کي وزيراعظم جو خاص مددگار  ڪيو ويو آهي. وفاقي ڪابينا ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر ثانيا نشتر کي وزيراعظم جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي، سندس عهدو وفاقي وزير جي برابر هوندو جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. وزيراعظم هائوس مان جاري نوٽيفڪيشن موجب ڊاڪثر ثانيا نشتر وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت ختم ڪريو پروگرام بابت وزيراعظم جي خاص مدگار هوندي. واضح رهي ته ڊاڪٽر ثانيا نشتر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن پڻ آهي.0430

You might also like