وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ وچ ۾ ٻيهر رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فون تي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي 16 آگسٽ تي صدر ٽرمپ سان ٽيلي فونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي جنهن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته هو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ڳالهائيندو جيتوڻيڪ اڄ آمريڪي صدر جي ڀارتي وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ هن خطي ۾ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي علائقائي امن کي هر صورت مقدم رکڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.

پرڏيهي وزير ٻڌايو ته 16 آگسٽ تي وزيراعظم عمران خان آمريڪي صدر کي واضح ڪيو هو ته 5 آگسٽ تي ڀارت اهڙو هڪ طرفو غاصباڻو فيصلو ڪيو آهي جنهن خطي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير جي هئيت، آبادي، جغرافيا تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، هن وقت والاريل ڪشمير ۾ تالابندي آهي ۽ اتي انساني الميو پيدا ٿي چڪو آهي، ڀارتي قدمن کي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن.

هن چيو ته اڄ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نريندر مودي سان ڳالهايو ۽ چيو آهي ته خطي جو امن برقرار رهڻ
گھرجي ۽ ان حوالي سان آمريڪي صدر وزيراعظم عمران خان کي به آگاهه ڪيو.

هن ٻڌايو ته گذريل رات 10 وڳي ڳاله ٻولهه ۾ وزيراعظم عمران خان صدر ٽرمپ کي مودي جي قدمن سبب خطي جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته مودي سرڪار جي پنج آگسٽ واري هڪ طرفي قدم سان خطي جي امن کي خطرو آهي، انهن قدمن جو مقصد عالمي سطح تي تڪراري معاملي کي ختم ڪرڻ هو.

وزيراعظم آمريڪي صدر کي چيو ته ڀارت آبادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ته جيئن والاريل ڄمون ڪشمير ۾ مسلمانن جي گھڻائي کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي، اسان کي اتي نئون انساني بحران جنم وٺندي نظر اچي رهيو آهي.

وزيراعظم آمريڪي صدر کي ٻڌايو ته ڪشمير ۾ اڄ ڪرفيو کي 15 ڏينهن گذري چڪا آهن، اسان جي اطلاعن موجب گھڻا ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ گھڻا گم آهن، صورتحال گھڻي ڳڻتي جوڳي آهي، عالمي انساني حقن جي تنظيمن کي ڪشمير ۾ موڪليو وڃي ته جيئن حالتون دنيا جي سامهون اچن ۽ صدر ٽرمپ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ڀارت کي ترت ڪرفتو هٽائڻ جو چيو وڃي.

وزيراعظم مطالبو ڪيو ته ڀارت عالمي معاهدي جي پاس داري ڪري، ڪشمير مسئلي جو حل سيڪيورٽي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حل ڪري جنهن جو هو پابند آهي، اسان سمجهون ٿا ته ان تڪرار جي حل لاءِ صدر ٽرمپ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

You might also like