پوڙهيون مکيون جيلي ۾ دوا شامل ڪري جوان مکين کي بيماري کان بچائينديون آهن

ڪيمبرج (ويب ڊيسڪ) ماکي جي مکين بابت هڪ اهم انڪشاف ٿيو آهي ته پوڙهيون مکيون جسماني دفاعي نظام مضوبط ڪندڙ ماليڪيول جيلي ۾ منتقل ڪنديون آهن ته جيئن جوان مکيون بيماري کان محفوظ رهن.

واضح رهي ته ماکي جي ماناري ۾ موجود لاروا کي جيلي تي پاليو ويندو آهي جنهن کي مکيون تيار ڪنديون آهن ۽ پوڙهيون مکيون ان ۾ بيماري کان بچائيندڙ ماليڪيول ملائينديون آهن.

ڪيمبرج يوينورسٽي جي پروفيسر ايال ماوري انڪشاف ڪيو آهي ته ماءَ مکيون پنهنجا لاروا کولڻ لاءِ چنبڙندڙ مادو ٺاهينديون آهن جنهن کي “رائل جيلي ” چوندا آهن ۽ ان ۾ پروٽين ۽ آر اين اي شامل ڪنديون آهن جنهن سان جوان مکين جو جسماني دفاعي نظام مضبوط ٿيندو آهي ۽ اهي بيمارين کان بچيل رهنديون آهن.

 ڊاڪٽر ايال موجب هن وقت تائين ڪنهن به جاندار ۾ اهڙن آر اين اي جي ڏي وٺ ڏٺي وئي آهي. ماهرن رائل جيلي ۾ اهڙا آر اين اي دريافت ڪيا آهن جيڪي ڏهن قسمن جي وائرس کي روڪيندا آهن ۽ جيئن ئي ماناري ۾ ڪو انفيڪشن پکڙبو آهي مکيون آر اين اي ٺاهڻ لڳنديون آهن.

ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته آر اين اي مکين جي هڪ نسل کان ٻئي نسل ۾ منتقل ٿيندو آهي پر مرضن کان بچائڻ کان علاوه به اهو ڪيترن ٻين ڪمن کي ممڪن بڻائيندو آهي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيلي ۾ شامل خاص آر اين اي کائي هڪ عام مک ملڪه مک بڻجي ويندي آهي پر ان تصديق ناهي ٿي سگھي. پر اهو طئي آهي ته مکين جو نئون نسل ايندڙ ماحولياتي ۽ طبي ڏکيائين لاءِ تيار ٿي ويندا آهن.

You might also like