وڇون جي زهر ۾ ٽي بي ۽ ٻين جراثيمن خلاف ويڙهه ڪندڙ طاقتور مرڪب دريافت

اسٽينفورڊ (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان چئو ته هن وقت طبي شين ۾ وڇن ۽ نانگن جو زهر سون ۽ چاندي کان به وڌيڪ قيمتي آهي ته اهو غلط نه هوندو.

اڳ ۾ وڇون جي زهر ۾ زبردست طبي فائدا ۽ علاج سامهون آيو هو ۽ هاڻي اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر هڪ خاص قسم جي وڇون جي زهر ۾ اهڙو مرڪب (ڪمپائونڊ) ڳولهي ورتو آهي جيڪو اسٽاف  (اسٽيفيلوڪوڪس) بيڪٽيريا ۽ ٽي بي جي جيوڙن کي ختم ڪري سگھي ٿو.

سٺي ڳالهه اها آهي ته وڇون جي زهر کي مقدار جي صورت ۾ تجربي واري هنڌ به تيار ڪري سگھجي ٿو. ان کان اڳ ماهر وڇون جي زهر ۾ مليريا خلاف جز، ڪينسر جي علاج ۾ مددگار ثابت ٿيندڙ ۽ دماغي رسولين جي درست نشاندهي ۾ به مدد وٺي چڪا آهن.

هاڻي تازي خبر اها آهي ته ميڪسيڪو ۾ ملندڙ هڪ قسم جو وڇون Diplocentrus melici  پنهنجي اندر اهڙو ڪيميائي جز رکي ٿو جيڪو اسٽيفيلو جي ڪنهن خاندان سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي قسمن جي بيڪٽيرياز سان ويڙهه ڪري سگھي ٿو ڇو جو اسٽاف بيڪٽيريا جا 30 قسم آهن جن اسان کي پريشان ڪري رکيو آهي جن مان بخار، ٿڌ ۽ فلو جهڙيون ڪيفيتون ۽ مرض پيدا ٿي رهيا آهن.

اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي ڪيميادان رچرڊ زير رڳو اڌ مائيڪرو ليٽر زهر مان ٻه نيون دوائون ٺاهيون آهن جنهن کي “بينزوڪينونس” چيو وڃي ٿو. اهو مرڪب بيڪٽيريا خلاف اڳ به اثرائتو ثابت ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ان کي مصنوعي طور تي تجربي واري هنڌ به تيار ڪري سگھجي ٿو.

ڊاڪٽر رچرڊ جو چوڻ آهي دنيا ۾ سڀ کان مهانگي شين ۾ وڇون جو زهر به شامل آهي جنهن جي هڪ گيلن (پوڻا چار ليٽر) مقدار جو اگھه 3 ڪروڙ 90 لک ڊالرن جي برابر آهي .

پهريان زهر ۾ موجود مرڪب ليبارٽري ۾ تيار ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ ان کي ڪوئن تي آزمايو ويو. ماهرن ڏٺو ته ٻنهي قسمن جي بينزوڪينونس اسٽائفلوڪوڪس ۽ ٽي بي جا اهڙا سخت جان بيڪٽيرياز کي به ختم ڪيو جيڪي ڪنهن به دوا سان ختم نه ٿي رهيا هئا ۽ اسان جي اينٽي بايوٽڪس کي ناڪارا بڻائي رهيا هئا.

اها رڳو شروعاتي حوصلا افزائي ڪندڙ تحقيق آهي پر ان مرڪب مان دوا ٺاهڻ ۾ اڃا ڪجهه ورهين جو وقت لڳي سگھي ٿو. پر اسان کي اهو نه وسارڻ گھرجي ته دوا جو سفر ائين ئي شروع ٿيندو آهي.

You might also like