ڪجهه ڏينهن واڪ نه ڪرڻ به صحت لاءِ هاڃيڪار آهي

ليورپورل (ويب ڊيسڪ) ڪنهن صحت مند شخص کي بيمار ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي سگھي ٿو؟ اهو اوهان جي توقع کان به گھٽ ٿي سگھي ٿو.

حقيقت ۾ رڳو 2 هفتن تائين سست طرز زندگي (گھٽ وقت ويهي گذارڻ ) ڪنهن فٽ انسان کي جسماني طور تي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪافي ثابت ٿي سگھي ٿي.

اها ڳالهه برطانيا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

ليورپورل ۽ نيوڪيسل يونيورسٽي جي گڏيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻن هفتن تائين جسماني سرگرميون گھٽ ڪرڻ جو عمل جهڙوڪ روز 10 هزار قدم هلڻ، دل ۽ ڦڦڙن جي صحت کي متاثر ڪري سگھي ٿو، چيلهه ۽ پيٽ  جو گھيرو وڌي سگھي ٿو، جسماني ۽ جيري جي چرٻي وڌي سگھي ٿي ۽ انسولين جي مزاحمت به وڌي سگھي ٿي.

سولن لفظن ۾ ٻن هفتن جو آرام شگر ٽائيپ ٽو  ۽ رت جي شريانين سان لاڳاپيل مرضن جهڙوڪ هارٽ اٽيڪ يا فالج جي خطرن کي وڌائي سگھي ٿو.

پر سٺي خبر اها آهي ته جسم کي هڪ ڀيرو سرگرم ڪري ان نقصان جو ازالو ڪري سگھجي ٿو.

محققن جو چوڻ آهي اها ڳالهه آهي ته جڏهن ماڻهو معمول  جي جسماني سرگرمين جي سطح تي واپس موٽي ايندو آهي ته صحت تي پوندڙ ناڪاري اثر ريورس ٿي ويندا آهن.

ان تحقيق لاءِ محققن 28 صحت مند ۽ جسماني طور تي سرگرم رهندڙ ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪيون جن ۾ 18 عورتون به شامل هيون ۽ انهن جي اوسط عمر 32 سال هئي.

اهي سمورا ماڻهون عام زندگي ۾ گھڻا سرگرم هئا ۽ 10 هزار قدم روزانو پنڌ ڪرڻ جا عادي هئا، پر محققن هنن کي پنهنجي جسماني سرگرمين کي نمايان حد تائين گھٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

نيتجن مان خبر پئي ته 2 هفتن تائين ويهي رهڻ جي عادت جي نتيجي ۾ رت جي شريانين جي فٽنس جي سطح ۾ 4 سيڪڙو  تائين گھٽتائي ٿي، چيلهه جو گھيرو هڪ انچ تائين وڌي ويو، جيري جي چرٻي 0.2 سيڪڙو وڌي وئي جڏهن ته گڏيل جسماني چرٻي ۾ 0.5 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ انسولين جي مزاحمت ۽ رت ۾ چرٻي جي سطح به ڪجهه وڌي وئي.

پر معمول جي جسماني سررميون بحال ٿيڻ جي 14 ڏينهن بعد اهي سمورا ناڪاري اثر ريورس ٿي ويا، محققن جو چوڻ هو ته جسماني سرگرمين  ۾ معمولي واڌ به صحت لاءِ هاڪاري ثابت ٿي سگھي ٿي.

اهي نتيجا ان ڪري به حيران ڪندڙ آهن ڇو جو ان ۾ نوجوان ۽ صحت مند ماڻهن جي جسماني تبديلين کي ڏٺو ويو هو ۽ محققن موجب جيڪي ماڻهو گھڻو صحت مند نه هجن انهن ۾ ان مرض جي خطرن جي سطح جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.