رپورٽ:ڏهرڪي : گهوٽڪي ضلعي ڪائونسل جي ۾ ڇا وهيو واپريو …؟؟؟

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ:ڏهرڪي : گهوٽڪي ضلعي ڪائونسل جي ۾ ڇا وهيو واپريو ...؟؟؟
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ:ڏهرڪي : گهوٽڪي ضلعي ڪائونسل جي ۾ ڇا وهيو واپريو ...؟؟؟

*ڏهرڪي جي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر اسد پتافي چيو آهي ته ڀوتار هر سٺو عهدو پاڻ وٽ رکندا آهن ڪنهن به غريب کي نه ڏيندا آهن .

هنن چيو ته  پر جيڪڏهن عورتن جي سيٽن تي ڪا اميدوار بيهارڻي هجي ته اڻ پڙهيل عورت آڻيندا آهن پرگهر جي عورت کي اڳيان نه آڻڻ کي عيب سمجهندا آهن

 ھن ضلع چيئرمين کي مخاطب ٿيندي چيو توھان ھن ايوان کي رولز آف بزنس مطابق نه  پيا ھلايو، اڄ ئي اوھان بجيٽ پيش ڪئي آھي، اسان اڃا بجيث پيپر پورا پڙھيا  به نه آهن .

 ھن چيئرمين کي چيو  ته  اوھان ڇھ ڇھ مھينا ايوان جو اجلاس نه گھرائيندا آھيو، ھي اجلاس بہ اوھان ستن مھينن کان پوء گھرايو آھي، اھو به بجيٽ جي مجبوري جي ڪري گھرايو اٿئو

 ھن چيو ته  مان اجلاس شروع ٿيڻ کان پھرين اچي اڳين سيٽن تي ويٺس ته  عملي جي ھڪ ملازم مونکي چيو تہ اوھان پوئتي وڃي ويھو، ھتي وڏا ماڻھو ويھندا.

 ھن چيو تہ ھن ايوان ۾ اسان سڀ ميمبر برابر آھيون، ھي ڪا ريل گاڏي ناھي جو ان ۾ سيٽن جي درجا بندي ڪيو ٿا جيڪي گھڻا پيسا خرچ ڪري آيا آھن اھي اڳتي ويھن ڀاقي ٻيا پوئتي ويھن. ،،،،،،،،،،،،،

You might also like