رپورٽ:ڏهرڪي: ماهي واهه ۾ پير ترڪڻ سبب پيرسن ٻڏي فوت

عوامي آواز رپورٽ
ڏهرڪي: ماهي واهه ۾ پير ترڪڻ سبب پيرسن ٻڏي فوت
عوامي آواز رپورٽ ڏهرڪي: ماهي واهه ۾ پير ترڪڻ سبب پيرسن ٻڏي فوت

*ڏهرڪي ويجھو ماهي واهه  ۾ پير ترڪڻ سبب اوٻاوڙو واسي 55 سالا پيرسن پيشو رام ٻڏي فوت ٿي ويو.

 جنهن جو لاش صبح جو سوير ناري واه جي روڊ تي واه ۾ ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو ريسڪيو بعد لاش کي ٻاهر ڪڍي اسپتال پهچايو ويو .

جتي پيشو رام جي سڃاڻپ ڪئي ويئي.

 اسپتال ۾ چوٻول ھئا تا پيشو رام  ڄنگهه کان اپاهج هو ۽ اڪثر رهڙڪي صاحب روحاني آسيس وٺڻ ايندو هو ۽ واه جي ڪپر سان صبح جو سوير چهل قدمي ڪندو هو واه جي ٽٽل ڪپرن سبب سندس پير ترڪي پيو هوندو وارثن جي پهچڻ تي پوليس لاش کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو۔۔۔۔

You might also like