انسان ڪڏهن مرندو…. ؟ ماهرن  پتو لڳائي  ورتو

برلن  (ويب ڊيسڪ)  سائنسدانن رت جي هڪ اهڙي جديد ٽيسٽ تيار ڪري ورتي آهي جنهن جي مدد سان 83 سيڪڙو درستگي سان گڏ اهو ٻڌائي سگھجي ٿو ته ڪنهن به شخص جا ايندڙ 5 کان 10 ورهين دوارن مرڻ جا امڪان ڪيترا آهن.

جرمني جي ميڪس پلانڪ انسٽيٽيوٽ آف بايولوجي آف ايجنگ جي ماهرن طرفان ايجاد ڪيل ان کي  ٽيسٽ رت جي ٻين ٽيسٽن جي ڀيٽ ۾ گھڻي بهتر ۽ سٺا نتيجا ڏيندڙ سمجهو پيو وڃي.

نيچر مئگزين ۾ ڇپيل مقالعي موجب تحقيق ڪندڙ لاڳيتو 16 ورهين تائين 44 هزار کان وڌيڪ مريضن جي رت جي جزن جو جائزو ورتو ۽ انساني رت ۾ موجود حياتياتي نشانن (Bio Markers) تي تجربا ڪيا ۽ مختلف بايو ماڪرز جي نشاندهي ڪئي جن جي مدد سان ٻڌائي سگھجي ٿو ته ڪنهن شخص جي مرڻ جا امڪان ڪيترا آهن.

جن ماڻهن ان تحقيق ۾ حصو ورتو انهن جي عمر 18 کان 109 ورهين جي وچ واري هئي ۽ ان 16 ورهين جي تحقيق دوران 5512 ماڻهو پنهنجي موت پاڻ مري ويا.

ان تحقيق جي نتيجي ۾ سائنسدانن اها دعويٰ ڪرڻ ۽ ثابت ڪرڻ جوڳا ٿي ويا آهن ته اها ٽيسٽ گھڻي حد تائين معتبر ۽ يقيني آهي، جن بايو مارڪز جو تجربو ۽ مشاهدو ڪيو وي انهن ۾ مختلف امائنو ايسڊ جي ليول، اٺي ۽ خراب ڪولسٽرول جي حد، فيٽي ايسڊ جي عدم توازن جي سطح، سوڄ ۽ گڏيل اميون ريسپانس جو جائزو ورتو ويو.

رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته هن وقت اها ٽيسٽ ڪلينيڪل سطح تي متعارف نٿي ڪرائي سگھجي ۽ موت جي جنهن عمر جو ذڪر ڪيو پيو وڃي اها ڪئلينڊر ايج نه پر بايولوجيڪل عمر آهي ۽ ان تحقيق جي نتيجي ۾ بيماري خلاف جسم جي مدافعتي قوت ۽ بيماري مان صحت يابي جو عرصو مقرر ڪرڻ ۽ علاج ۾ تيزي آڻڻ ۾ مدد ملندي.