معصوم ٻارڙن جي مستقبل سان کيڏڻ بند ڪرايو

خالد شاهاڻي

چوندا آهن ته جنهن معاشي کي تباهه ۽ برباد ڪرڻو آهي ته سڀ کان پهريان ان جي تعليم کي متاثر ڪريو، اهو معاشرو پاڻهي تباهي طرف ڌڪبو ويندو، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي معاشري ۾ به تعليمي نظام کي تيزيءَ سان تباهي طرف ڌڪيو پيو وڃي، ڪي ڌريون نه ٿيون چاهين ته سنڌ ۾ تعليم جو نظام بهتر ٿئي ۽ اسان جو معاشرو ترقي طرف وڌي. تعليم جي تباهيءَ جو هڪ اهڙو ئي مثال دادو ضلعي جي يوسي شاهه حسن جي ڳوٺ نودو خان شاهاڻي(ڪنگسوار) جي اسڪول مان ملي ٿو، جتي 10 سالن کان وٺي اسڪول جي بلڊنگ جي ڪم کي رولهڙي جو شڪار بنائي معصوم ٻارڙن جي تعليم کي تباهه ڪيو ويو آهي، نتيجي ۾ معصوم ٻارڙا رڍون ۽ ٻڪريون چاري پنهنجو وقت ڪٽڻ تي مجبور آهن. علائقي جي سڄاڻ ڌرين ۽ سماج سڌارڪن جي ڪوششن سان ڄاڻايل ڳوٺ ۾ اسڪول جي بلڊنگ جو تعميراتي ڪم شروع ٿيو، پر ڪرپٽ ٺيڪيدار ۽ انجنيئر جي ڪري اهو مڪمل نه ٿي سگهيو ۽ ان اسڪول کي هن وقت تالو لڳل آهي، اسڪول جي بلڊنگ کي ڇت ئي نه لڳائي وئي، ناقص مٽيريل استعمال ٿيو ۽ مين گيٽ به ٺيڪيدار پٽي کڻي ويو.

ڪرپٽ ٺيڪيدار پراڻي بلڊنگ ۽ ديوارن کي ڊاهي نئين سر ٺاهڻ بجاءِ مٿان فقط رندو هڻي روانو ٿي ويو، ٺيڪيدار جي ڪيل ڪم کان پوءِ اسڪول جي ڀتين ۾ هڪ سال اندر ڏار پئجي ويا ۽ ٻارڙن جي تعليم لائق بڻجڻ بجاءِ اسڪول ڪرڻ جي ڪنڌي تي پهچي ويو، هاڻي جيڪڏهن اهو اسڪول کوليو ويو ته اهو ڪنهن مهل به ڪري سگهي ٿو ۽ ڪو وڏو اڻوڻندڙ واقعو ٿيڻ جا امڪان هر وقت موجود رهن ٿا، ڪرپٽ ٺيڪيدار اسڪول جي ڇت کي بند ڪرڻ بجاءِ ان کي کليل ڇڏي هليو ويو، اسڪول جو ٻاهريون مين گيٽ پڻ  پراڻو لڳائڻ سبب هڪ سال اندر ٽٽي پيو، اسڪول جون دريون پڻ ڀڄي  ڀري ويون آهن، ڪنگسوار جي اسڪول ۾ ورهين کان استاد مقرر ئي نه ٿي سگهيو آهي، ڳوٺ جا سوين معصوم ٻارڙا اسڪول کلڻ جي آس لڳائي ويٺل آهن، پر 10 ورهين کان بند پيل اسڪول جا تالا اڃا نه کلي سگهيا، ڳوٺ جو اسڪول بند هجڻ سبب ڳوٺ جي سوين معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگھو ٿا: اچو ته! لائبريرين کي مشعل راهه بڻايون!

ڳوٺاڻن غلام حسين شاهاڻي، غلام نبي شاهاڻي، اسماعيل شاهاڻي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته گذريل ڏهن سالن کان اسان جي ڳوٺ جو اسڪول بند پيل آهي،  10 سالن کان اسان جي اسڪول ۾ ڪو استاد ئي مقرر نٿي سگهيو آهي، اسڪول بند هجڻ سبب سندن ٻارڙا رڍون ۽ ٻڪريون چارڻ تي مجبور آهن، اسان جي مستقبل جي معمارن جو مستقبل اونداهو لڳو پيو آهي، تعليم کاتي ضلعي دادو جا آفيسر هٿ وٺي اسان جي ٻارن جي تعليم تباهه ڪري رهيا آهن، اسان جي اسڪول جي بلڊنگ پڻ زبون حال بڻيل آهي، اسڪول جي بلڊنگ جو ڪم سال کن اڳ هڪ ڪرپٽ ٺيڪيدار کي ڏنو ويو، جيڪو بااثر وڏيرن جو ساٿاري ۽ کاٽائو پٽ هجڻ سبب اسڪول جو ڪم پنهنجي مرضي مطابق ڪري هليو، ڪوالٽي وارو ڪم نه ٿيڻ ڪري اسڪول جي بلڊنگ ۾ هينئر ئي ڏار پئجي ويا آهن، ڪرپٽ ٺيڪيدار، انجنيئرن ۽ روڊس کاتي جي ڪامورن جي ملي ڀڳت سان ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو، جنهن ڪري هيءَ ٺهندڙ بلڊنگ ٻارڙن جي تعليم لاءِ لاڀائتي ثابت نه ٿي سگهي آهي. اسڪول جي ڇت کي به ان ڪرپٽ ٺيڪيدار گارو يا سيمينٽ نه هنيو ۽ هو ڇت کي کليل ڇڏي روانو ٿي ويو۔ ڳوٺاڻن چيو ته ڪرپٽ ٺيڪيدار اسڪول ۾ رنگ ڪرائي پراڻو ۽ ڀڳل مين گيٽ لڳايو هو، جيڪو ٽٽي ڪري پيو ۽ اهو ٺيڪيدار پنهنجي ملڪيت سمجهي کڻي آيو، سندس اهڙي عمل تي ڪنهن به ڪا ٻڙڪ نه ڪڇي، ٺيڪيدار کي بااثر وڏيرن جي سپورٽ هجڻ سبب هر قسم جي انڪوائري کان به آجو بڻيل آهي، سيشن جج دادو، سول جج جوهي، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جي  اعليٰ عملدارن کي گهرجي ته هو ٺيڪيدار جي ڪيل ڪرپشن جو نوٽيس وٺي اسڪول جو ڪم مڪمل ڪرائي جلد کان جلد اسڪولي کي کوليو وڃي ۽ ڪرپٽ ٺيڪيدار جو احتساب ڪيو وڃي ته جيئن معصوم ٻارڙن جو مستقبل اونداهون ٿيڻ کان بچي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.