ڊپريشن جو مرض، اوهان کي ڪامياب بڻائي سگھي ٿو: تحقيق

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڊپريشن اسانجي زندگي ۾ هڪ عام مرض بڻجي چڪو آهي، پر اهو مرض ٿيڻ جو هڪ فائدو ڄاڻي اوهان حيران ٿي ويندو.

آمريڪا ۾ ڪيل هڪ تحقيق موجب اهي ماڻهو جيڪي سخت ڊپريشن جو شڪار هوندا آهن اهي گھڻا تخليقي ثابت ٿيندا آهن ۽ زندگي ۾ انهن جي ڪاميابي جا امڪان گھڻا هوندا آهن.

تحقيق ۾ هالي ووڊ جي ڪيترن ئي فنڪارن جو مثال ڏنو ويو آهي جيڪي پنهنجي زندگي ۾ سخت ڊپريشن جو شڪار رهيا هئا، انهن مان ڪجهه فنڪارن ته آپگھات به ڪئي، پر ان باوجود هنن جي پيشيوراڻي زندگي کي گهڻو ڪامياب سمجهو ويندو آهي.

هالي ووڊ جي ليڊي گاگا ۽ ڊوائن جانسن سميت ڪيترن ئي فنڪارن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته هو ڊپريشن جو شڪار رهيا، جڏهن ته آمريڪي صدر ابراهام لنڪن جو ڪتاب اسان کي ٻڌائي ٿو ته سندس جي سموري حياتي ڊپريشن ۾ گذري.

ماهرن موجب اسانجي دماغ ۾ اهي جين جيڪي ڊپريسن جو سبب بڻبا آهن اهي ئي انسان کي ڪامياب ٿيڻ طرف راغب ڪندا آهن.

تحقيق ۾ اهو به چيو ويو ته عملي زندگي ۾ ڪامياب ماڻهن مان 25 سيڪڙو ڪنهن نه ڪنهن دماغي مرض جو شڪار ٿي سگھن ٿا.

ڪجهه ماهرن موجب ڊپريشن دماغي ڪاڪردگي کي بري طرح متاثر ڪندو آهي تنهنڪري اهو چوڻ بلڪل درست ناهي ته توهان لاءِ اهو فائديمند آهي، پر ڊپريسن دوران ڪجهه علامتون اهڙيون ٿي سگھن ٿيون جيڪي ڪنهن شخص کي عملي زندگي ۾ ڪامياب بڻائي سگھن ٿيون .

هڪ نفسيات ماهر اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ڊپريشن جا مريض اهڙا به هئا جن  پنهنجين صلاحين جو مظاهرو ان وقت ڪيو جڏهن هو گھڻي ڊپريشن مان گذري رهيا هئا، پر هو ان دعويٰ کي ثابت نٿو ڪري سگھي.

You might also like