اچو ته سنڌ جي نياڻين جي حوصلا افزائي ڪريون

مقبول ملاح

حيدرآباد ۾ هڪ انساني حقن لاءِ جاکوڙِيندڙ تنظيم ڊيموڪريٽڪ ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ طرفان  ٻه ڏينهن صحافتي تربيتي ورڪشاپ ٿيو. ان ورڪشاپ ۾ جتي عورتن جي صحت ۽ تعليم بابت ڳالهايو ويو، اتي گهڻو وقت ملڪ ۾ ٻارڙن توڙي عورتن سان ٿيندڙ جنسي تشدد جا واقعا به بحث هيٺ آيا.

ورڪشاپ

 جي او آر ڪالوني حيدرآباد جي مقتول ٻارڙن قادر بخش ۽ رخسانه سيال کان وٺي، سنڌ يونيورسٽي جي نائلا رند ۽ چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽي جي نمرتا جي بي وقتائتي موت بحث هيٺ آيو، 18 ترميم کانپوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جي حقن لاءِ پاس ٿيل قانون کان وٺي، عورتن جي خاص ڪري ڪاري ڪري قتل ڪرڻ واري ايف آءِ آر ۾ لڳندڙ قلم به ورڪشاپ جو موضوع رهيا.

هي به پڙهي سگھو ٿا: سنڌ جي وحدت سان هٿ چراند ڪرڻ واري سازش ۽ سنڌ جي ماڻهن جو…

 ٻن ڏينهن تائين هلندڙ هن ورڪشاپ ۾ حيدرآباد جي سينيئر صحافين ۽  نامياري سماجي اڳواڻ ۽ عڪس جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر تسنيم احمر ٽرينر طور ۽ ڊي سي ايڇ ڊي پروگرام آفيسر ڪلثوم  اشرف ڀٽي پڻ شريڪ هئي.  هن ورڪشاپ جو مقصد اهو هيو ته ٻارڙن ۽ خاص طور تي عورتن سان ٿيندڙ گهريلو تشدد کان ويندي جنسي تشدد تائين کي صحافي بهتر طور رپورٽ ڪن ته جيئن اهي مسئلا ايوانن تائين پهچي سگهن ۽ بهتر قانونسازي ٿئي ته جيئن عورتن کي تحفظ فراهم ڪري سگهجي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: امير سنڌ جا غريب ماڻهو

ڪراچي، لاهور، اسلام آباد سميت ملڪ جي وڏن شهرن ۾ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عورت اڳواڻ توڙي تنظيمن ۽ ٻهراڙي جي عورت جي وچ ۾ هڪ وڏو گيپ آهي ۽ صرف ميڊيا ئي هڪ اهڙو رستو آهي، جيڪو ٻنهي ڌرين جي مسئلن بابت کين آگاهه ڪري ٿو. ٻهراڙي جي عورت ته ڄاڻي ئي نه ٿي ته سندن حقن لاءِ به ڪي تنظيمون، ادارا ۽ فرد موجود آهن، جيڪي ايوانن تائين سندن ڳالهه پهچائين ٿا، جڏهن ته شهر ۾ ويٺل عورت اڳواڻ به ميڊيا ذريعي ئي عورتن جي مسئلن کان آگاهه رهي ٿي.

ورڪشاپ

ورڪشاپ ۾ ڪراچي واسڻ صوفيا خورشيد جو به ذڪر نڪتو، جنهن 17 سال اڳ هڪ شو روم ۾ ڊيلي ويجز طور ڪم جي شروعات ڪئي ۽ محنت ڪري هن وقت ان ئي ڪمپني جي سي اي او آهي ۽ هن وقت سندس 8 کان 10 پنهنجون گاڏيون رينٽ اي ڪار طور هلنديون آهن، هوءَ نه صرف ڪمپني  ۽ گاڏيون سنڀاليندي آهي، پر جڏهن به ساڻن ڪو مسئلو ٿيندو آهي يا پوليس سندن گاڏيون روڪيندي آهي ته هوءَ پاڻ اتي پهچندي آهي.

ورڪشاپ

پر ساڳي وقت  وڏيري نازو ڌاريجو جو به ذڪر نڪتو، سنڌ جي هن بهادر نياڻي جي زندگي تي “ماءِ پيور لينڊ ” فلم به ٺهي چڪي آهي. سنڌ جي ضلعي شهيد بينظير آباد سان تعلق رکندڙ وڏيري نازو ڌاريجو جيڪا ھڪ وڏيري هجڻ سان گڏوگڏ ھڪ آبادگار به آھي- خود ٻني ۾ پورهيو ڪري ٿي ۽ ڦٽيون پڻ چونڊ سان گڏ ٻني جو ٻيو ڪم ڪاري به ڪندي آهي ته  ھاري مزدورن جي مسئلن کان به واقف آهي،  وڏيري نازو پنهنجي گهر ۽ ٻارن کي سنڀالڻ سان گڏ پنهنجو تحفظ به ڄاڻي ٿي ۽ هوءَ گهوڙي تي چڙهي ڪلهي ۾ ڪلاشنڪوف وجهي ٻني به گهمڻ ويندي آهي.نه صرف پنهنجو تحفظ پر 2010ع واري ٻوڏ ۾ جڏهن وڏن زميندارن پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ پاڻي جو رخ ٻئي پاسي موڙي ڇڏيو هو، جنهن سان ڪيترا ئي ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ زمين ٻڏي. اهڙي صورتحال ۾ هن پنهنجن ماڻهن ۽ زمينن کي بچائڻ لا سرزمين تي پهچي اُهي غير قانوني ڪٽ بند ڪرايا.

خانداني زمين تان با اثرن جو قبضو ڇڏرائڻ لاءِ بندوق کڻي وڙهندڙ سنڌ جي بهادر نياڻي نازو ڌاريجو جو چوڻ آهي ته سندن خاندان انگريزن جي دور کان به اڳ زميندار رهيو آهي، سندن پنهنجي خاندان جي با اثرن سان پراڻو زميني تڪرار هلندڙ هو, جنهن تان 1992 ڌاري سندس اڪيلي سڳي ڀاءُ سميت ٽن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، سندس چوڻ آهي ته ڀاءُ جي قتل بعد پنهنجي زمينن ۽ راڄ ڀاڳ جي مالڪي پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه رهيو. انڪري هن پاڻ هٿيار کڻي پنهنجي زمينن تان با اثرن جا قبضا ڇڏرايا ۽ پنهنجي زمينن جي مالڪي پنهنجي هٿ ۾ ورتي.

تازو قاضي احمد لڳ يونين ڪائونسل پٽ پيرل جي ڳوٺ مٺو ڏيٿو ۾ فوت تي ويل ٽن ورهين جي معصوم فرحان علي پٽ فقير محمد ڏيٿو جي لاش کي قبرستان ۾ دفنائڻ کان روڪڻ واري مامري تي وڏيري نازو ڌاريجو دليري سان سڀني کان اڳيان هئي، مردن جيان سندس جي لاڳتي ڪوشش ۽ اعلى اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ بعد مذڪوره معصوم ٻارڙي جو لاش ساڳئي ئي قبرستان ۾ دفن ٿيو.

نه صرف ڪراچي واسڻ صوفيا خورشيد ۽ قاضي احمد جي ننڍڙي ڳوٺ سان واسطو رکندڙ وڏيري نازو ڌاريجو پر پوري سنڌ اهڙين بهادر عورتن سان ڀري پئي آهي، صرف انهن کي ڳولهڻ جي ضرورت آهي، اچو ته سنڌ جي نياڻين کي اڳتي آڻيون ۽ سندن حوصلا افزائي ڪريون ته جيئن هو اڳتي اچي سماج ۾ عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿارين.

Leave A Reply

Your email address will not be published.