رپورٽ: ڏهرڪي جي عورت خاندان سميت اڳوڻي مڙس ۽ سهري خلاف اسلام آباد پهچي وئي

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڏهرڪي جي عورت خاندان سميت اڳوڻي مڙس ۽ سهري خلاف اسلام آباد پهچي وئي
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڏهرڪي جي عورت خاندان سميت اڳوڻي مڙس ۽ سهري خلاف اسلام آباد پهچي وئي

 

 

ڏهرڪي جي عورت خاندان سميت اڳوڻي مڙس ۽ سهري خلاف اسلام آباد پهچي وئي.

عوام آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي ھجري ٻائي ٻڌايو ته 2016 ۾ اڳوڻي مڙس الهڏني ۽ سهري آندل، پئسا ڏئي رامچند فقير کان دوکو ڪرائي لڄ لٽي، وڊيو ٺهرائي.

هن چيو ته جوابدار رامچند فقير سندس گهر ڀرسان رهندو هو، جنهن کي چيو ته اڳوڻو مڙس ۽ سهرو ٻچا کسڻ لاءِ جادو ڪرائن پيا.

هجري ٻائي ٻڌايو ته جوابدار ڀيڻ سڏيندي کيس جادو جو اثر ختم ڪرڻ لاءِ گهرايو، جتي ساڻس زيادتي ڪئي ۽ وڊيو به ٺاهي.

سندس چوڻ هو ته دانهن ڏيڻ تي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري پئسا وٺي کين آزاد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪورٽ به ساڻس انصاف نه ڪيو.

هجري ٻائي چيو ته هو انصاف لاءِ آئي آهي ۽ سپريم ڪورٽ به ويندي، جيڪڏهن اتان به کين انصاف نه مليو ته پاڻ ساري ڇڏيندا

 

You might also like