معاشي تباهي تي اعليٰ اختياراتي ڪميشن جو اعلان، ڀلي جان وڃي چورن کي نه ڇڏيندس: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ تحريڪ انصاف پهرين بجيٽ پيش ڪئي آهي، اها بجيٽ نئين پاڪستان جي نظرئي جي عڪاسي ڪندي، قوم کي خطاب  ڪندي هن چيو ته  مديني جي رياست جا ڪيترائي اصول مغربي ملڪن ۾ آهن، جڏهن کان اقتدار مليو پهرين ڏينهن کان مخالف چون پيا ته ڪٿي آهي نئون  پاڪستان، مديني جي رياست هڪ ڏينهن ۾ نه ٺهي هئي،  پاڪستان هڪ عظيم ملڪ بڻجندو، ڪو سوچي به نه پئي سگهيو ته  وڏا وڏا برج جيلن ۾ هوندا، هي آهي نئون پاڪستان، نيب منهنجي ماتحت ناهي، قانون جي بالادستي آهستي آهستي توهان کي نظر اچي رهي آهي، هن چيو ته اپوزيشن خلاف ڪيس پي ٽي آءِ نه ٺاهيا، پوءِ مون تي ڇو پيا گوڙ ڪن،  آصف زرداري تي ڪيس آهن اهي ته ن ليگ جي دور ۾ ٺهيا، نواز شريف ،شهباز شريف خلاف سڀ ڪيس پراڻا آهن، اهي مون تي ڇو پيا گوڙ ڪن، منهنجي غلطي اها آهي ته مان انهن جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي اين آر او نه پيو ڏيان، اڄ ن ليگ ۽ پ پ گڏ ٿي گوڙ پيا ڪن، 90ع جي ڏهاڪي ۾ انهن جون حڪومتون ڪرپشن جي الزامن ۾ ويون، آصف زرداري کي نواز شريف جيل ۾ وڌو هو، هن چيو ته مشرف اقتدار ۾ اچي نواز شريف کي اين آر او ڏئي سعودي عرب موڪليو، آصف علي زرداري کي مشرف اين آر او ڏنو، سري محل جا پئسا واپس نه آيا، اڄ اسان  جي معاشي حالتن جو سبب اهي ٻه اين آر او آهن،هن چيو ته 10 سالن ۾ انهن ٻنهي پارٽين 24 هزار ارب رپين جا قرض وڌايا، آصف زرداري جي 100ارب رپين جي مني لانڊرنگ سامهون آئي، ايان علي 75 ڀيرا ٻاهرين ملڪ وئي، هن  ۽ بلاول جا گڏيل بئنڪ اڪائونٽ آهن، هن چيو ته 10 سالن کنيل قرضن جي جاچ لاءِ عليٰ سطحي ڪميشن جوڙينداسين جنهن ۾ آءِ ايس آءِ ايف بي آر ۽ ٻيا ادارا شامل آهن. 10 سالن ۾ ملڪ کي ڪيئن تباهه ڪيو ويو، ان جي جاچ ٿيندي.

You might also like