سنڌ ۾ پرائيويٽ اسڪولن جي رجسٽريشن آن لائن ڪرڻ جو فيصلو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت خانگي اسڪولن جي رجسٽريشن آن لائن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ 15 جولاءِ کان خانگي اسڪولن کي آن لائن رجسٽرڊ ڪيو ويندو.

آن لائن رجسٽريشن لاءِ ويب سائيٽ ٺهي وئي آهي، ان ڏس ۾ پرائيويٽ اسڪول رجسٽرار رفيعا جاويد موجب والدين کي پرائيويٽ اسڪولن جي فيس اسٽرڪچر ۽ رجسٽريشن جي حوالي سان سموري ڄاڻ آن لائن ئي ملندي.

ڊائريڪٽريٽ پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز موجب اسڪولن جي آن لائن رجسٽريشن لاءِ ويب سائيٽ ٺاهي وئي آهي، هاڻ اسڪولن جي فيسن جي تفصيلن سميت سموري ڄاڻ آن لائن موجود هوندي.

رفيعا جاويد ٻڌايو ته والدين طرفان وصول ٿيندڙ ڪيترين ئي شڪايتن سبب اهو قدم کنيو ويو آهي، جڏهن ته تعليم واري وزير به هدايتون ڏنيون هيون ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن جي والدين ۽ استادن کي مڪمل ڄاڻ هجي، تنهن ڪري سڄو سسٽم آن لائن ڪيو ويو آهي.

You might also like