رحيم يار خان : ريل حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ وڌي 23 ٿي ويو

رحيم يار خان  (ويب ڊيسڪ ) رحيم يار خان ۾ گذريل ڏينهن پيش آيل خوفناڪ ريل حادثي ۾ فوت ٿيندڙن  انگ وڌي 23  ٿي ويو آهي،  جڏهن ته ڪيئي زخمي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.

ريسڪيو اهلڪارن موجب بوگين جو ملبي مان هڪ ٻار جو مڙهه مليو آهي، جنهن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.

ريلوي ذريعن موجب لوپ لائن تان ملبو هٽائڻ جو ڪم اڄ ٻيهر شروع ڪيو ويندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن اڪبر بگٽي ايڪسپريس جو ولهار اسٽيشن ويجهو لوپ لائن ۾ بيٺل مال گاڏي سان ٽڪر ٿي پيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.