لاهور ۾ داتا درٻار ڌماڪي جو وڌيڪ هڪ زخمي فوت، انگ 12 ٿي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور ۾ داتا درٻار ڌماڪي جو وڌيڪ هڪ زخمي مدثر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 12 ٿي ويو آهي. داتا درٻار ڌماڪي کانپوءِ لاهور جو ماحول ٽئين ڏينهن به سوڳوار آهي. ميو اسپتال ۾ علاج هيٺ وڌيڪ هڪ زخمي سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي. لاهور گيٽ جو رهواسي 19 ورهين جو مدثر ڌماڪي ۾ شديد زخمي ٿيو  سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ڌماڪي جي شهيدن جو تعداد 12 ٿي ويو آهي جڏهن ته 25 زخمي اڇا به ميو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.  لاهور سانحي کانپوءِ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ پوليس جو سرچ آپريشن جاري آهي. پاڪپتن ۾ چاليهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته بابا فريد درٻار جي سڪيورٽي به وڌائي وئي آهي.

You might also like