ناريءَ سان لڄالٽ ڪري سڄي ڪُٽنب کي قتل ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ڪورٽ 2010 ۾ شادي جي آڇ رد ڪندڙ ناريءَ سان لڄالٽ ۽ ان سان گڏ سندس ٽن گهر ڀاتين کي قتل ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

ماڊل ڪرمنل ڪورٽ (ڏکڻ) جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪامران عطا سومري ٻنهي ڌرين جون شاهديون ۽ حتمي دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌايو.

عدالت جوابدار افتخار احمد عرف بادشاهه کي موت جي سزا سان گڏ وارثن جي قانوني پونئيرن کي 12 لک رپيا ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

فريادين موجب خالد هارون، سندس زال انيلا، ڌيءُ مريم ۽ پٽ دانش جا مڙهه 8 سيپٽمبر 2010 ۾ چيپل بيچ لگزري اپارٽمينٽ مان مليا هئا، سڀني کي ڪنهن ڳري اوزار سان مٿي تي وار ڪري قتل ڪيو ويو هو.

جاچ دوران پوليس دانش جي دوست افتخار احمد کي گرفتار ڪيو، جيڪو مقتول ڪٽنب سان گڏ پاليل ٻار طور رهي رهيو هو.

سرڪاري فريادي عاطف سيتائي عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته جوابدار مريم سان شادي جي خواهش ظاهر ڪئي، جيڪا ان وقت پڙهي رهي هئي ۽ گهر ڀاتين ان آڇ کي رد ڪندي افتخار کي گهران ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ جوابدار معافي گهري واپس انهن سان گڏ رهڻ لڳو ۽ ناريءَ کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، ان سان گڏ هن سندس والدين ۽ ڀاءُ کي ننڊ ۾ ئي قتل ڪري ڇڏيو.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار خلاف ڪيتريون ئي شاهديون موجود آهن، جيڪي ثابت ڪن ٿيون ته اهو ريپ ۽ چئن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث هو، عدالت کي اپيل ٿي ڪجي ته جوابدار کي سخت کان سخت سزا ٻڌائي وڃي.

هوڏانهن جوابدار الزامن کي رد ڪندي پاڻ کي بيگناهه ٻڌايو.

دفاعي ڪونسل گل حسن خاصخيلي سندس اصيل خلاف ڪيس کي ڪوڙو قرار ڏيندي عدالت کي اپيل ڪئي ته ان کي سمورن الزامن مان بري ڪيو وڃي.

واضح رهي ته مقتول خالد هارون جي ڀاءُ رياض محمود جي فرياد تي بوٽ بيسن ٿاڻي ۾ پاڪستان پئنل ڪوڊ جي قلم 302 (قتل)، 397 (چوري، ڦر) ۽ 376 (ريپ) تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

You might also like