ڪراچي ۾ ڊينگي سبب ناري ۽ نوجوان فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڊينگي جي وڌيڪ ٻن مريضن دم ڏئي ڇڏيو.

ڊينگي بخار سبب فوت ٿيل ٻئي ناظم آباد جا رهواسي هئا، جن کي گذريل رات ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

فوت ٿيندڙن ۾ 24 ورهين جي سونيا ۽ 22 ورهين جو اويس شامل آهن.

انهن فوتگين کان پوءِ  ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڊينگي بخار سبب فوت ٿيندڙن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته پاڪستان ۾ هلندڙ سال دوران هن وقت تائين 8 هزار 933 کان وڌيڪ ڊينگي جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته وائرس سبب 16 ڄڻا موت جو شڪار به ٿيا.

هي به ڏسي سگھو ٿا: هاڻي ڊينگي جي ٽيسٽ مفت ٿيندي..!

نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ ) جي چيف آف ڊيزيز سرويلنس ڊويزن ڊاڪٽر رانا صفدر جو چوڻ هو ته سنڌ مان 2 هزار 132 ڪيس، پنجاب مان 2 هزار 76، بلوچستان مان هڪ هزار 772، خيبرپختونخواهه مان 612، وفاقي راڄڌاني مان هڪ هزار 206 جڏهن ته آزاد ڄمون ڪشمير مان 92 ڪيس رپورٽ ٿيا.

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ اها وبا بري طريقي پکڙجي وئي، جڏهن ته پنجاب ۾ سامهون آيل 43 هن ڪيسن جو واسطو ٻين صوبن سان هو.

رپورٽ موجب سنڌ ۾ وڌ کان وڌ 8 ماڻهو، اسلام آباد ۽ بلوچستان ۾ 3،3 جڏهن ته پنجاب ۾ 2 ماڻهو ان سبب موت جو شڪار ٿيا.

راولپنڊي ۾ ايئرپورٽ هائوسنگ سوسائٽي، گلبهار اسڪيم، وڪيل ڪالوني، ڍوڪي منشي ۽ ڪوٽ جبي مان ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته اسلام آباد موهرا نگيال ۽ يو سي کهرپا مان ڪيس رپورٽ ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.