نئين پاڪستان ۾ قتل عام پيو ٿئي….! مريم نواز جا ٽوئيٽ

اسلام آباڊ(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي نئين پاڪستان جي باري ۾ غلط فهمي نه رهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ روزاني انڊڪس جو قتل عام ٿي رهيو آهي.

ڊالر جي قدر ۾ واڌ ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز سوشل ميڊيا تي هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي حڪومت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو.

مريم نواز چيو ته نواز شريف عوام جو اڳواڻ آهي، هو پنهنجي صحت جي نازڪ صورحال کان وڌيڪ عام ماڻهو جي مسئلن تي پريشان آهي، نواز شريف پاڪستان جي ڪرندڙ معيشت جي باري ۾ گهڻو پريشان آهي.

هن چيو ته نواز شريف چوي ٿو ته مسلم ليگ ن کي عوامي جذبن جي ترجماني ڪرڻي آهي، ن ليگ کي عوام سان گڏ بيهڻو پوندو ۽ ان جو آواز بڻجڻو آهي.

ايشيا جي بدترين اسٽاڪ مارڪيٽ ۽ ڪرنسي ريٽ جي حوالي سان مريم نواز چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ رپيو ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ٻنهي مضبوط هئا، نواز شريف جي قيادت ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ دنيا جي مستحڪم ترين مارڪيٽ هئي.

مسلم ليگ ن جي نئاب صدر جو چوڻ هو ته ڪنهن کي نئين پاڪستان جي باري ۾ غلط فهمي نه رهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ روزاني انڊڪس جو قتل عام ٿي رهيو آهي.

مريم نواز چيو ته ان ڳالهه جو بخوبي اندازو آهي ته ڪوڙي حڪومت 9 مهينن ۾ عوام کي ڏکيائين ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، خطرناڪ حد تائين بيروزگاري ۾ واڌ ٿي، عوام کي مهانگائي بري طرح چيڀاٽي ڇڏيو آهي. گيس بجلي هي شئي ۾ قيمت واڌ ٿي وئي آهي. هر شئي ويراني آهي.

You might also like