ڏهرڪي: مسو واهه ۾ ٻڏي ويل ٻن ٻارڙن سميت پنجن ڄڻن جا لاش هٿ نه آيا، ڳولا جاري

ڏهرڪي ( رپورٽ رمضان پيرزادو ) ڏهرڪي ويجهو  موٽرسائيڪل  مسو واهه ۾ ڪرڻ سبب  عورتن ۽ ٻارن سميت 5 ڄڻا ٻڏي ويا، گهڻي ڳولا باوجود سندن لاش نه ملي سگهيا آهن.

ڳڙھي چاڪر کان ميرپورماٿيلو ويندڙ خاندان جروار لنڪ روڊ 78 پل وٽ موٽرسائيڪل سوڌو مسوواھ ۾ ڪري پيو .

مسوواهه ۾ نوجوان امر لعل ميگھواڙ سندس زال ڪويتا ديوي سندن ٻه معصوم ٻارڙا  ڌي ۽ پٽ ۽ هڪ  عورت سلوچنا ديوي واھه ۾ ٻڏي ويا.

مقامي ماڻھن موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي پر گهڻي ڳولا باوجود لاش نه ملي سگهيا آهن، جڏهن ته ضلعي توڙي تعلقي انتظاميه لاشن کي ڪڍڻ لاءِ ڪي به جوڳا انتظام نه ڪيا آهن.

هوڏانهن وارثن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت  ڀريل واهه ۾ ٽوٻا لاٿا ويا آهن پر اڃا لاش هٿ اچي نه سگهيا آهن.

ٻئي پاسي مقتولن جي گهرن ۾ قيامت برپا آهي پر بي حس چونڊيل نمائندا وٽن لڙي ناهن آيا..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.