رپورٽ: دادو: بيروزگار نوجوان تحريڪ پاران وفاقي بجيٽ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: دادو: بيروزگار نوجوان تحريڪ پاران وفاقي بجيٽ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: دادو: بيروزگار نوجوان تحريڪ پاران وفاقي بجيٽ خلاف احتجاج

دادو ۾ شهرين پاران وفاقي سرڪار پاران نئين مالي سال جي بجيٽ کي عوام دشمن ڄاڻائي احتجاج ڪيو ويو.

دادو ۾ بيروزگار نوجوان تحريڪ پاران هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

ان موقعي تي اڳواڻن ضمير ڪوريجو، عنايت جمالي، انور پنهور ۽ ٻين چيو ته وفاقي سرڪار پاران پيش ڪيل نئين مالي سال جي بجيٽ  عوام دشمن بجيٽ آهي، اهڙي بجيٽ کين نامنظور ناهي،

هنن چيو ته عوام اڳ ۾ ئي مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، وري عوام دشمن بجيٽ پيش ڪري عوام کان ڳڀو کسڻ جي سازش آهي

هنن گهر ڪئي ته پيش ڪيل بجيٽ تي نظرثاني ڪري عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي وڃِي………………..

 

You might also like