رپورٽ: دادو: جبري پورهئي پٺيان ڪهڙو ڪارڻ آهي جو قانون به بيوس نظر اچي ٿو.؟؟

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: دادو: جبري پورهئي پٺيان ڪهڙو ڪارڻ آهي جو قانون به بيوس نظر اچي ٿو.؟؟
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: دادو: جبري پورهئي پٺيان ڪهڙو ڪارڻ آهي جو قانون به بيوس نظر اچي ٿو.؟؟

دادو ۾ سماجي تنظيمن طرفان ٻارن جي جبري پورهئي جي روڪ ٿام لاءِ ريلي ڪڍي وئي.

پروفيسر محمد عرفان ڪلهوڙي، عنايت جمالي، نياز چانڊيي، محمد وسيم کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اندر 60 لک کان وڌيڪ ٻار تعليمي عمل کان محروم آهن جيڪي سڌي توڙي اڻ سڌي طرح پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن.

هنن چيو ته دادو ضلع ۾ سوا لک کان وڌيڪ ٻارڙا مختلف ڪمن جنهن ۾ گاڏين جي ورڪشاپن، ويلڊنگ جي دوڪانن، سرن جي بٺن، ھوٽلن، بيڪرين سميت مختلف ڪمن ۾ پورھيو ڪرڻ تي مجبور آهن.

اڳواڻن چيو ته ٻارڙن جي پورهي تي پابندي باوجود قانون تي عمل نه پيو ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته ٻارن کي 10 کان 14 ڪلاڪ ڪم ڪرايو وڃي ٿو پر کين اجورو به نٿو ڏنو وڃي.

چيف جسٽس، وزير اعليٰ کان مطالبو ڪيو ته چائلڊ ليبر قانون تي عمل ڪرائي هزارين معصوم ٻارن جو مستقبل بچايو وڃي……………

 

You might also like