رپورٽ: دادو: نينگر اختر پنهور جي قتل ۾ شامل جوابدار ڇو نه ٿيا گرفتار؟؟

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: دادو: نينگر اختر پنهور جي قتل ۾ شامل جوابدار ڇو نه ٿيا گرفتار؟؟
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: دادو: نينگر اختر پنهور جي قتل ۾ شامل جوابدار ڇو نه ٿيا گرفتار؟؟

دادو جي ڳوٺ فضل ڪنڊي پنهور ۾ 6 ڏينهن اڳ جنسي ڏاڍائي بعد بيدردي سان نينگر کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو.

اڪبر پنهور، جاويد پنهور، طارق پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واثن ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن دانهيندي چيو ته سندن 6 سالن جي معصوم اختر کي اغوا ڪرڻ بعد جنسي ڏاڍائي ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش مڇيءَ جي تلاءَ ۾ ڦٽو ڪري ويا

وارثن جو چوڻ آهي ته واقعي جي 6 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس اڃا تائين هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ڪيو، جنهن سبب هو مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن

متاثر ڪٽنب چيف جسٽس کان گهر ڪئي ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفر دار تائين پهچائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like