رپورٽ:دادو: ڏاڍائي بعد قتل ڪيل نينگر جي قتلن جي گرفتاري لاءِ پهنور برادري جو احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
دادو: ڏاڍائي بعد قتل ڪيل نينگر جي قتلن جي گرفتاري لاءِ پهنور برادري جو احتجاج
عوامي آواز رپورٽ دادو: ڏاڍائي بعد قتل ڪيل نينگر جي قتلن جي گرفتاري لاءِ پهنور برادري جو احتجاج

دادو  ويجهو  ڳوٺ فضل ڪنڊي پنهور ۾ ڏيڍ مهينو اڳ جنسي ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل  ڪيل نينگر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڇهن ورهين جي  معصوم نينگر اختر علي پنهور جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاران دادو پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

 ان موقعي تي اڳواڻن  الله بخش پنهور، شهزاد پنهور، عظيم پنهور، محمد خان پنهور ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  جوابدارن ڏيڍ مهينو اڳ 6 سالن جي معصوم اختر کي اغوا ڪري جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي تلاءَ ۾ فٽو ڪري ڇڏيو هو.

هنن چيو ته ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي، جڏهن ته ايس ايس پي دادو فرخ رضا پاران ڪجهه ڏينهن اڳ نينگر جي وارثن وٽ تعزيت ڪرڻ بعد هن معاملي جي حل لاءِ ٽيم جوڙي هئي پر ٽيم به ٻوٽو نه ٻاريو آهي.

مظاهرو ڪندڙن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته معصوم نينگر اختر علي پنهور جي قاتلن کي گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي……………….

رپورٽ- عزيز احمد ملڪ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.