رپورٽ : دادلغاري: ڳوٺ ابراهيم شر جي رهواسين پاران ناٺي جي ظلم خلاف دانهون

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ : دادلغاري: ڳوٺ ابراهيم شر جي رهواسين پاران ناٺي جي ظلم خلاف دانهون
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ : دادلغاري: ڳوٺ ابراهيم شر جي رهواسين پاران ناٺي جي ظلم خلاف دانهون

 

داد لغاري ۾ شر برادري جي ماڻهن ڌيءَ کي ڪارنهن الزام هڻي قتل جي ڪوشش ڪندڙ ناٺي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ ابراهيم شر جي رهواسي چاچڙ شر، مسمات الهرکئي ۽ ابلان شر صحافين آڏو بااثر ناٺي جي ظلم خلاف دانهيو

ان موقعي تي ناري ابلان شر چيو ته سندس هڪ سال پهريان سومرو شر سان مائٽن شادي ڪرائي هئي، جنهن بنا جواز ڪارنهن تهمت مڙهي گهران لوڌي ڪڍي ڇڏيو هو.

سندس چوڻ هو ته گذريل رات مڙس ڪجهه هٿياربندن سان گڏجي گهر تي حملو ڪري کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

متاثر ڪٽنب چيو ته بااثر ناٺي خلاف ٿاڻي تي دانهن ڏني پر پوليس سندن ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته بااثر کين قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏئي هيسائي رهيو آهي.

احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي گهوٽڪي کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي……………………..