رپورٽ: داد لغاري: نرلي مائينر شاخ جو پاڻي ڪير پيو چوري ڪري؟ تفصيل هن رپورٽ ۾

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: داد لغاري: نرلي مائينر شاخ جو پاڻي ڪير پيو چوري ڪري؟ تفصيل هن رپورٽ ۾
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: داد لغاري: نرلي مائينر شاخ جو پاڻي ڪير پيو چوري ڪري؟ تفصيل هن رپورٽ ۾

 

داد لغاري ۾ آبادگارن پاران نرلي مائينر شاخ کي ڪٽ هڻي پاڻي چوري ڪندڙ بااثر زميندار ۽ آبپاشي عملي خلاف احتجاج ڪيو ويو

آبادگارن آر ڊي 95 وٽ احتجاجي ڪري آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي

ان موقعي تي آبادگارن ڪامريڊ عبدالرزاق شر،اربيلو شر ۽ قلندر بخش ميڊيا سان ڳالهائنيدي چيو ته بااثر هيوي مشينري ذريعي نرلي مائينر کي ڪٽ هڻي پنهنجي زمين آباد ڪري پيو

سندن چوڻ هو ته بااثر خلاف آبپاشي عملدارن کي دانهن ڏني پر ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري پڇڙي جي هزارين ايڪڙ زمين سڪي ٺوٺ ٿي رهي آهي

احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته آبپاشي عملي ۽ بااثر زميندار خلاف ڪارروائي ڪري کين زرعي پاڻي فراهم ڪري معاشي نقصان کان بچايو وڃي.

You might also like