سامونڊي طوفان ” وايو “ شدت اختيار ڪري ويو، ٽن ضلعن ۾ آنڌاري ۽ برسات جو امڪان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ سامونڊي طوفان ” وايو “ شدت اختيار ڪري ڪيٽگري ون ۾ تبديل ٿي ويو جنهن کان پوءِ بدين، ٺٽي ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ تيز آنڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن دوران هيٽ ويو جهڙي صورتحال رهندي.

چيف ميٽرولوجسٽ سنڌ عبدالرشيد موجب طوفان ” وايو “ ڪراچي جي ڏکڻ کان 800 ڪلو ميٽر پري عربي سمنڊ ۾ موجود آهي ۽ ڏکڻ ڏانهن تيزي سان وڌي رهيو آهي جيڪو سڀاڻي ڀارتي ساحل گجرات سان ٽڪرائي سگهي ٿو.

چيف ميٽرولوجسٽ موجب ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران به طوفان جي شدت برقرار رهڻ جو امڪان آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي ٺٽي، بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ تيز آنڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي.

چيف ميٽرولوجسٽ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران هيٽ ويو جهڙي صورتحال رهندي، ڏينهن جو سامونڊي هوائون بند يا معمول کان انتهائي گهٽ رفتار سان گهلنديون جڏهن ته هوا ۾ گهم جو تناسب وڌيڪ هئڻ سبب گرمي شدت کان وڌيڪ محسوس ڪئي ويندي.

چيف ميٽرولوجسٽ موجب اڄ شام تائين واضح ٿيندو ته ڪراچي ۾ طوفان جا اثر ڪيتري حد تائين نظر اچي سگهن ٿا.

موسميات کاتي به مهاڻن کي اڄ شام کان جمعي دوران اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ٻئي پاسي امڪاني سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي بدين ۾ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، ڊپٽي ڪمشنر حفيظ سيال جو چوڻ آهي ته سرڪاري کاتن جي آفيسرن جون موڪلون ختم ڪيون ويون آهن ۽ برساتي نالنجي هنگامي صفائي جون به هدايتون ڪيون ويون آهن.

You might also like