ڀارت جي اوڀر سامونڊي رياستون سامونڊي طوفان جي وڪڙ ۾، ماڻهن جي لڏ پلاڻ  جاري

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اوڀر سامونڊي رياستن کي سامونڊي طوفان “فاني“ گھيري ۾ آڻي ڇڏيو. آڙيسا، آنڌرا پرديش، تامل ناڊو ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

سامونڊي طوفان آڙيسا ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي، اٺ لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. تعليمي ادارا ٽن ڏينهن لاءِ بند ڪيا ويا آهن ۽ اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن.

طوفان دوران هڪ سئو 75 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار سان هوائون گھلنديون جنهن سبب ٽرين سروس به بند ڪئي وئي،  موسميات کاتي موجب “فاني” سال 1999ع کان پوءِ خطرناڪ ترين سامونڊي طوفان هوندو.

You might also like