وحشي ڀارت ڪشميرين کي عيد جي نماز به نه پڙهڻ ڏني…..!

سرينگر(ويب ڊسڪ) والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي کان پوءِ ڀارت طرفان اُتي ڪريڪ ڊائنو ۽ اڻ ڄاتل مدي تائين ڪرفيو جو سلسلو جاري آهي جنهن جي ڪري هزارن جي انگ ۾ مسلمان عيد جي نماز به ادا نه ڪري سگهيا.

ڀارت طرفان انٽرنيٽ سميت ٻين نشريات ۽ سڌُ سماءَ جي سمورن ذريعن تي پابندي کان پوءِ والاريل ڪشمير مان ڪنهن قسم جا اطلاع ملڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن ۽ ڀارت والاريل ڪشمير وادي کان دنيا جو رستو ڪاٽي ڇڏيو آهي.

عيد جي ڏينهن به ڀارت طرفان جاري ڪريڪ ڊائون ۽ ڪرفيو ۾ نرڪي نه ڪرڻ جي سبب گهٽيون سنسان رهيون ۽ لکين مسلمان عيد الاضحيٰ جي نماز به ادا نه ڪري سگهيا.

ڀارتي ظلمن جي خلاف ڪشميري عوام جي احتجاج جي خوف کي نظر ۾ رکندي ڀارت مسلمانن کي اڪثر علائقن  عيد جي نماز جي اجتماع ۾ به شرڪت جي اجازت نه ڏني.

هوڏانهن ڪشميري پوليس طرفان سڀ سٺو آهي جو راڳ آلاپڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ پوليس طرفان ٽوئيٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته والاريل ڪشمير جي اڪثر علائقن ۾ نماز عيد جا اجتماع پرامن طريقي سان پڄاڻي تي پهتا ۽ ڪنهن به قسم جي اڻ وڻندڙ واقعي جا اطلاع ناهن مليا.

ڀارتي پرڏيهي وزير طرفان ڪشميرين جي عيد نماز جي لاءِ مسجد طرفان ويندڙ تصويرون شيئر ڪيون پر پرڏيهي وزارت جا ترجمان ان ڳالهه جي وضاحت نه ڪري سگهيا ته اِهي تصويرون والاريل ڪشمي جي ڪنهن حصي جون آهن جڏهن ته اطلاع تائين پهچ نه هئڻ جي ڪري ان ڳالهه جي تصيدق ناهي ٿي سگهي.

You might also like