عالمي ڪپ: ڏکڻ آفريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي ميچ برسات سبب رد

 

سائوٿمپٽن (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ 2019 ۾ وڌيڪ هڪ ميچ برسات جي ور چڙهي وئي، ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ميچ برسات سبب رد ڪئي وئي.

سائوٿمپٽن ۾ ويسٽ انڊين ڪپتان جيسن هولڊر ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي 11 جي مجموعي اسڪور تي ڏکڻ آفريڪا کي هاشم آملا جي صورت ۾ پهريون نقصان ٿيو، جنهن 6 رنسون ٺاهيون. پروٽيز ان صدمي مان نڪتا ئي مس ته شيلڊن ڪوٽريل وڌيڪ هڪ وڪيٽ وٺندي 5 رنسون ٺاهيندڙ ايڊن مارڪرم کي به پويلين موٽائي ڇڏيو.

ميچ جي اٺين اوور جي ٽئين بال تي برسات شروع ٿي وئي ۽ ٻئي ٽيمون گرائونڊ ڇڏي ويون، ان کانپوءِ امپائرن ڪيترائي ڀيرا گرائونڊ جو معائنو ڪيو پر لاڳيتي برسات سبب ٻنهي ڪپتانن جي گڏيل رضامندي تي ميچ رد ڪئي وئي.

ميچ رد ٿيڻ تي ٻنهي ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ڏني وئي ۽ اهڙي ريت ڏکڻ آفريڪي ٽيم ٽن شڪستن کانپوءِ نيٺ پوائنٽس ٽيبل تي پنهنجو کاتو کولي ڇڏيو.

واضح رهي ته ان کان اڳ پڻ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ ميچ برسات سبب رد ڪئي وئي هئي.

You might also like