نوجوان جوڙي پاران آپگھات جي ڪوشش ، ناري فوت

ڇاڇرو (ويب ڊيسڪ) ڇاڇري ويجهو  ناري ۽ نوجوان کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ناري فوت ٿي وئي جڏهن ته نوجوان سخت زخمي ٿي ويو .

 ڳوٺ ڪاگيا ۾ ناري سنيتا ۽نوجوان جگتو مل پاران کوهه ۾ ٽپو ڏنو ويو ناري سنيتا فوت ٿي وئي جڏهن ته نوجوان جگتومل زخمي ٿي ويو .

ڳوٺاڻن ناري جو مڙهه ۽ زخمي نوجوان کي کوهه مان ڪڍي ناري جي مڙهه ۽ زخمي کي ڇاڇرو اسپتال منتقل ڪيو جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري ناري جو  پوسٽ مارٽم  نه ٿي سگهيو .

نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري ڊاڪٽرن کيس حيدرآباد ريفر ڪيو پر پئسا نه هجڻ ڪري سندس وارث پريشان نظر آيا جڏهن ته اسپتال انتظاميا پاران ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو..

هوڏانهن ناري جي پيءُ جو چوڻ هو ته هو مسڪين ماڻهو آهن ڪو به  سندن مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته  ڇاڇرو اسپتال انتظاميا پوسٽ مارٽم لاءِ دربدر ڪري رهي آهي.

You might also like