2018ع جي چونڊن ۾ مالي بيضابطگين جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف…..!

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آڊيٽر جنرل آف پاڪستان چونڊ 2018ع ۾ چونڊ مواد جي خريداري ۾ مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ڪيو آهي.

تفصيل موجب آڊيٽر جنرل آف پاڪستان آڊٽ سال 19-2018ع جي رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته چونڊ 2018ع جي چونڊ مواد جي خريداري ۾ مالي بي ضابطگيون ڪيون ويون.

آڊيٽر رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ضرورت کان وڌيڪ 1 لک 51 هزار بيلٽ باڪس خريديا ضرورت کان وڌيڪ بيلٽ باڪس خريدڻ تي قومي ناڻي کي 14 ڪروڙ 64 لک رپين جو نقصان رسيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ٻٽي شهريت وارن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ملي وئي…..!

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن بيلٽ باڪس جي خريداري ۾ پنهنجي من پسند ڪمپني کي فائدو پهچايو ۽ 22 ڪروڙ 83 لک جي ٻولي جي ڀيٽ ۾ 25 ڪروڙ 72 ڪروڙ لک ٻولي لڳائڻ واري ڪمپني کي ٺيڪو ڏنو، ان غلط فيصلي سبب قومي ناڻي کي 2 ڪروڙ 89 لک جو نقصان ٿيو.

اهڙي طرح اليڪشن ڪميشن نه رڳو قومي ناڻي کي نقصان رسايو پر پيپرا رولز جي ڀڃڪڙي به ذميوار ٿيو ڇو ته پيپرا رولز جي موجب گهٽ ٻولي واري ڪمپني کي ٺيڪو ملڻ گهرجي ها.

آڊيٽر رپورٽ ۾ اِهو به انڪشاف ٿيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ضرورت کان وڌيڪ  1 لک 46 هازر اسڪرينون به خريديون، ضرورت کان وڌيڪ اسڪرينون خريدڻ سان قومي ناڻي کي 22 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو.

رپورٽ ۾ موبائيل فون ڪمپنيز جو 8300 ايس ايم ايس سروس جا 10 ڪروڙ 81 لک رپيا اليڪشن ڪميشڻ کي نه ڏيڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، موبائيل فون ڪمپنيز اليڪشن ڪميشن جو شيئر نادرا جي حوالي ڪري ڇڏيو،  اليڪشن ڪميشن طرفان پنهنجو شيئر حاصل ڪرڻ جي لاءِ نادرا سان ڳالهيون نه ڪرڻ تي به قومي ناڻي کي نقصان ٿيو.

آڊيٽر جنرل مالي بي ضابطگين يج جاچ جي سفارش ڪندي اِهو به ٻڌايو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو ضرورت کان وڌيڪ چونڊ سمان جي خريداير تي حڪومت کي 36 ڪروڙ 68 لک رپيا ۽ چونڊ سامان پولنگ اسٽيشنز تائين پهچائڻ جي مد ۾ 77 لک رپين جو نقصان ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.