سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط رڳو سيلز ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ ماڻهن لاءِ آهي: ايف بي آر چيئرمين

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط رڳو سيلز ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ ماڻهن لاءِ آهي، اٽي، ميدي ۽ سوجي تي ڪابه ٽيڪس نه لڳائي وئي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شبر زيدي چيو ته اسان کي ٻڌايو پيو وڃي ته 400 وٺي بند موبائيل کولي ڏيو. هن چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ جي بهاني ماڻهو پنهنجا ٻيا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته واپارين چيو آهي ته توهان واضح ڪيو ننڍو واپاري ڪنهن کي چوندا. شبر زيدي چيو ته اهڙو فيصلو نه ٿا ڪرڻ چاهيون جنهن سان صنعت ۽ واپار کي نقصان پهچي. هن چيو ته ڪنهن سان به ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ ناهي، سڃاڻپ ڪارڊ جو معاملو ختم ٿي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته زيرو ريٽنگ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي معاملي تي ڳالهيون ٿيون آهن. شبر زيدي چيو ته ڪراچي جي واپارين ۽ آپٽما جي اڳواڻن سان ڳالهيون ٿيون آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.