۽ جڏهن حيدرآباد شهر ننڌڻڪو ٿي ويو

 ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته وارث هوندي به سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر حيدرآباد انتظامي بي حسي، لاپرواهي ۽ نااهلي سبب گندگي جي ورچڙهي ڄڻ ننڌڻڪو ٿي ويو آهي.

اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته ماضيءَ ۾ اربين روپين جا ڊولپمينٽ پيڪيج اچڻ جي باوجود هن شهر جي حالت بهتر نه ٿي سگهي آهي، رڪارڊ ۾ ته هن شهر جو ميئر موجود آهي، پر هو به شهر جي صفائي سٿرائي جي ڪم مان مڪمل طور تي هٿ ڪڍي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٿيو اهو آهي ته شهر جي مک روڊن تي گندو پاڻي اٿلي پيو آهي ۽ روڊن تي هر وقت گندي پاڻي جا تلاءَ ٿي ويا آهن، گندو پاڻي بيهڻ ڪري نه صرف روڊن تان ٽريفڪ هلڻ بند ٿي وڃي ٿي، پر ڪاروباري توڙي عام زندگي سخت متاثر ٿي وڃي ٿي، علائقن ۾ بدبوءِ پيدا ٿي وڃي ٿي ۽ بيماريون پکڙجن ٿيون، توڙي جو شهر جا ماڻهو لاڳاپيل اختيارين کي شڪايتون ڪن ٿا، احتجاج ٿين ۽ دانهون ٿين ٿيون، پر انتظاميا شهر جي مالڪي نٿي ڪري ۽ شهري هر وقت عذاب ۾ مبتلا رهن ٿا، هونئن ته سڄو شهر گندگي جي ورچڙهيل آهي، پر سڀ کان وڌيڪ حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن واري روڊ، مڪي شاهه روڊ ۽ مولا علي قدم گاهه سامهون واري روڊ تي هر وقت گندو پاڻي بيٺل رهي ٿو.

حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي جيئن ته سڄي ملڪ مان روزانو هزارن جي تعداد ۾ مسافر اچي لهن ٿا، حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تمام گهڻي مصروف ترين اسٽيشن آهي، پر جڏهن ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن مان ماڻهو هتي پهچن ٿا ته سندن نظر ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران مک روڊ تي پوي ٿي، جتي گندي پاڻيءَ جو تلاءَ روڊ تي نظر اچي ٿو ۽ مسافر اسٽيشن کان ٻاهر نڪري نٿا سگهن، اهڙي صورتحال کي ڏسي سڄي ملڪ جا ريلوي اسٽيشن تي ايندڙ ماڻهو اهو ضرور سوچيندا هوندا ته شايد هو حيدرآباد نه پر ڪنهن لاوارث شهر ۾ پهتا آهن.

حيدرآباد جو ميئر هڪ شهري تنظيم سان تعلق رکندڙ آهي، اها پارٽي پنهنجي مٿي تان بار لاهڻ لاءِ ڪيتري ئي عرصي کان اختيارن جي نه هجڻ جو روئڻ روئي رهي آهي، پر اهو واضح ڪندا هلون ته ميونسپل جا سمورا اختيار ته ميئر کي مليل آهن، تنهن ڪري حيدرآباد شهر جي مونسپل جا سمورا معاملا ته ميئر وٽ ئي آهن، پوءِ به شهر جي صورتحال اها رهي آهي، جيڪا مڪاني حڪومتون نه هجڻ وقت هوندي هئي. .

حيدرآباد شهر ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارا گندا نالا به هر وقت ڪچري سان ڀريل رهن ٿا، جنهن سبب گندو پاڻي نيڪال نٿو ٿي سگهي ۽ اهو پاڻي روڊن تي اچي وڃي ٿو، نتيجي ۾ شهرين جي اتان اچ وڃ به متاثر ٿئي ٿي، شهري گهڻي تڪليف کي منهن ڏين ٿا، پنڌ هلندڙ ماڻهن جو روڊن تي هلڻ ئي ممڪن نٿو بڻجي سگهي، روڊن تي هڪ فٽ کان مٿي پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري هڪ طرف شهري تڪليفن کي منهن ڏين ٿا ته ٻئي طرف روڊن تي گٽرن جا مين هول کليل هجڻ ڪري انساني زندگين کي خطرو پڻ رهي ٿو، اڪثر ڪري گٽرن جا مين هول کليل هجڻ ڪري ٻارڙا ان ۾ ڪري فوت ٿي وڃن ٿا، مختلف وقتن تي اهڙا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن، پر گذريل وڏي عرصي کان شهر جي وارثي نه ٿيڻ ڪري شهر جي صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي چڪي آهي.

هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حيدرآباد شهر جي مالڪي ڪري شهرين کي تڪليفن مان ڪڍيو وڃي، شهر جي مسئلن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، پر عملي ڪم ٿيڻ گهرجي، ننڌڻڪو بڻيل شهر جي وارثي جي ضرورت آهي.

You might also like