سنڌ جي تعليم صورتحال ۽ اسان جون ذميواريون

حسيب لطيفي

اهو عام طور تي چيو ويندو آهي جنهن قوم کي تباهه ڪرڻو آهي ته ان جي تعليم کي تباهه ڪري ڇڏيو ته اها قوم پاڻ ئي پوئتي ٿي ويندي ۽ ان قوم جو وجود ختم ٿي ويندو، تعليم ئي اهو ذريعو آهي جيڪو انسان نوان رستا ۽ راهون ڏئي ٿو. پاڻ هن وقت سنڌ جي تعليم تي نظر وجهنداسين ته سنڌ ۾ تعليمي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، اسان وٽ سڄو نظام طبقاتي آهي پر تعليمي نظام کي طبقاتي ڪيو ويو، جيئن ئي خانگي اسڪولن جو دور شروع ٿيو ته سرڪاري تعليمي سرشتو تباهه ٿيندو ويو ۽ خانگي تعليمي نظام اڳتي نڪري ويو، غريب جو ٻار وڌ مان وڌ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري سگهندو آهي، پر سرڪاري اسڪولن جي اندر تدريسي عمل انتهائي ڏکوئيندڙ آهي پر تعليمي ماحول به اسڪولن ۾ ناهن رهيو ۽ ان جي مقابلي ۾ مٿئين طبقي سان تعلق رکندڙ شاهوڪار ماڻهن جا ٻار وڏن خانگي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري تعليم جي ڊوڙ ۾ غريب جي ٻار کان اڳتي نڪري وڃن ٿا، ها اها ڳالهه به درست آهي ته اڄ جي طبقاتي تعليمي دور ۾ به ڪيترائي غريبن جا ٻار اڳتي نڪري اچن ٿا، پر انهن جو ريشو تمام گهٽ آهي.

علم انسان جي ٽين اک سمجهي ويندي آهي، علم حاصل ڪرڻ هر عورت ۽ مرد، غريب توڙي شاهوڪار جو برابري وارو حق آهي، پر هن وقت سڄي سنڌ ۾ خاص طور ٻهراڙي وارن علائقن ۾ تعليم جو رهجان تمام گهٽ آهي، ڇاڪاڻ هڪ مزدور پنهنجي اولاد لاءِ سٺي تعليم جا خواب نٿو ڏسي نه ۽ هي معاشرو انکي اهي حسين خواب ڏيکاري ٿو، هو به مايوس ٿي ڪري پنهنجي اولاد لاءِ حسين خواب ڏسڻ بجاءِ پنهنجي اولاد پاڻ جهڙو ئي کي مزودي جا گر سيکاريندو آهي ته آئون به هڪ مزدور آهيان منهنجو پٽ به مزدور ئي مزدور تصور ڪري ٿو، ان جو ڪارڻ بيروزگاري به آهي ڇاڪاڻ ته اڄ به هزارين نوجوان ڊگريون کڻي روڊن تي نڪري نوڪرين لاءِ احتجاج ڪندي نظر اچن ٿا. پر اها ڳالهه به سوچڻ گهرجي ته تعليم صرف نوڪري ۽ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ ناهي هوندي تعليم انساني شعور ۾ واڌاري جو سبب بڻجي ٿي انسان پنهنجي اصل اهميت کان واقف ڪرائي ٿي، پر اسان وٽ عام طور تي ماڻهو تعليم کي صرف سٺي نوڪري جو ذريعو سمجهن ٿا.

سنڌ ۾ تعليم جي ڪمزور هجڻ جا جيڪي سبب پيش ڪيا وڃن ٿا انهن ۾ ڪيترائي سوال سامهون اڀري اچن ٿا، پر منهنجي خيال ۾ ان جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ سنڌ ۾ غربت، بيروزگاري، سماجي برايون، سماجي ڪمزوريون، سياسي مداخلت، سياسي ڀرتيون، اسڪولن تي وڏيرن جا قبضا ۽ ڪاپي ڪلچر جو بنياد آهي، جنهن ڪري سنڌ ۾ تعليمي نظام ڪمزور ٿي رهيو آهي، ٻئي پاسي والدين يا ته ٻارن کي اسڪول ۾ ان ڪري به نٿا موڪلين ته ٻار پڙهي ڇا ڪندا، ڪهڙي انهن کي نوڪري ملندي يا سائنسدان ٿيندا جهڙا ڪمزور بهانا پيش ڪن ٿا. يا اهڙا والدين به موجود آهن جيڪي پنهنجي ٻارن کي پڙهائڻ ۾ دلچسپي ته رکن ٿا پر انهن وٽ وسيلا موجود ناهن جو هو پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم ڏياري سگهن، سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي آسري والدين پنهنجو فرض پورو ڪندي ٻارن کي اوستائين ته پهچائين ٿا پر ڪاپي ڪلچر سبب ٻار پنهنجي پوري محنت نٿا ڪن جنهن ڪري ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿي وڃي ٿو.

سنڌ جي نئين نسل کي سٺي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ سماجي ورڪرن کي پنهنجن پنهنجن علائقي ۾ ڪم ڪرڻو پوندو، جيئن ٻارڙن کي ڀرپورموقعو ملي جيڪي ٻار پڙهائي ۾ دلچسپي رکن ٿا ۽ ڪاپي ڪلچر کان پري رهڻ چاهين ٿا ته يقينن سٺي ۽ معياري تعليم حاصل ڪري سگهندا، جنهن سان سنڌ جي تعليم ۾ چڱو خاصو سڌارو اچي سگهندو، پر هن مرض جي اصل دوا آهي سنڌ ۾ تعليم جو ريشو وڌائڻو پوندو يا تعليمي نظام جي پراڻي ڪلچر کي ختم ڪري دنيا جي رول ماڊل تعليمي نظام کي پنهنجو ڪرڻو پوندو. سنڌ حڪومت توڙي مقامي ۽ ٻاهريون اين جي اوز ڪيترا به سيمينار ڪرائي فنڊز خرچ ڪن، پر اهي سڀ انهن جا ضايع ئي رهندا جيستائين هڪ رستي جي ڳولا نٿي ڪئي وڃي ته هاڻ ڪرڻو ڇا آهي، خاص طور تي ٻهراڙي جي تعليم لاءِ وڏي غور ويچار  جي ضرورت آهي، ان ۾ ڪو شق ناهي ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ وڏو ٽيلنٽ موجود آهي، پر انهن وٽ سٺي تعليم جا موقعا گهٽ آهن ۽ وسيلا به ناهن. اها عجيب ڳالهه آهي ته ڪنهن ماڻهو جا هٿ پير ٻڌي ان کي چيو وڃي ته ڊوڙي ڏيکار ته هو ڪٿان ڊوڙندو، سنڌ جي ماڻهن سان به اهڙي ئي قسم جي توقع رکي ٿي وڃي ته سنڌ جو ماڻهو تعليم جي ميدان ۾ اڳتي اچي پر ان جا هٿ پير ٻڌل آهن ته هو ڪيئن تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڌندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.