اچو ته سنڌ جي مالڪي ڪريون.

مقبول ملاح

گذريل چند سالن کان سنڌ ۾ هندو نياڻين کي زوري اغوا بعد مذهب تبديل ڪرائڻ وارو لاڙو وڌندو پيو وڃي، اغوا بعد مذهب تبديل ڪندڙ اڪثريت انهن ڇوڪرين جي هوندي آهي، جنهن جي عمر پاڪستان جي قانون موجب اڃان شادي جي هوندي ئي ناهي. 18 سالن کان گهٽ عمر جي نياڻي جي شادي ڪهڙي قانون تحت ڪرائي وڃي ٿي؟ پاڪستان جو آئين به ان جي اجازت نه ٿو ڏئي.

جيتوڻيڪ 18 ترميم کانپوءِ سنڌ حڪومت جنهن ۾ پيپلز پارٽي جو اهم ڪردار آهي، بهترين قانون سازي ڪئي وئي آهي، ننڍي عمر جي شادي کان وٺي، ڪاروڪاري ۽ هندو ميرج بل تائين پاس ڪيا ويا آهن، پر انهن تي عمل ڪرائڻ وارو معاملو سواليه نشاني بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته بل پاس ڪرائيندڙ پيپلز پارٽي وٽ اڪثريت جاگيردارن جي آهي ۽ جيستائين جاگيرداري نظام تبديل نه ٿيندو يا اسيمبلي ۾ جاگيردار موجود هوندا، قانونسازي ته ٿيندي، پر ان تي عمل ممڪن ناهي.

سماجي اڳواڻ پشپا ڪماري عوامي آواز ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته ٻين ڪيترن ئي سببن سان گڏ ميرج بل نه هئڻ ڪري هندو عورتن کي زبردستي اغوا ڪري مذهب مٽرائي شادي ڪئي وڃي ٿي، ايتري تائين جو شادي شده هندو عورتون به مذهب تبديل ڪري ٻي شادي ڪن ٿيون. هڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ هندن ۾ ملڪيت جي ورهاست واري قانوني حيثيت به نه آهي، جيڪڏهن ڪو سلجهيل ماڻهو پنهنجي ڌيءَ، ڀيڻ يا زال کي ڪا ملڪيت ڏئي ته ٿو پر ان جي قانوني حيثيت نه هوندي آهي، هوءَ پنهنجي نالي تي اها ملڪيت لکرائي نه ٿي سگهي. بل پاس ٿيڻ کانپوءِ نه صرف نياڻي کي ملڪيت رکڻ جي قانوني حيثيت ملي ويندي، پر کيس ورهاست جو حق به ملي ويندو.

اصل ۾ قانون نه هجڻ ڪري هندو توڙي ڪنهن به اقليتي ڪميپونٽي ۾ شادي جو ڪو رڪارڊ ئي نه هوندو هيو، نه صرف شادي پر ٻارن جي سنڀال، ڏاج جي واپسي، فيملي جي ملڪيت جي ورهاست ۽ ٻيا ڪيترائي فيملي مسئلا هئا، جن ۾ قانوني پيچيدگيون موجود هيون، پر 2016 ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ هندوز ميريج بل جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ نه صرف واضع طور اها منظوري ڏني وئي ته اقليتي برادرين ۾ ٿيندڙ شادين جي رجسٽريشن لازمي هوندي، پر ان بل مطابق شادين جي رجسٽريشن يونين ڪائونسل، يونين ڪميٽي ۽ بلدياتي اداري ۾ ٿيندي، قانون انهن شادين تي به لاڳو ٿيندو جيڪي قانون جي منظور ٿيڻ کان اڳ ٿي چڪيون آهن ان قانون جي شيڊول اي ۾ سرٽيفڪيٽ آف ميريج يعني نڪاح نامو به تيار ڪيو ويو. 2018 ۾ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ اسيمبلي ۾ هندو ميريج ترميمي بل پيش ڪيو ويو، جنهن موجب ڪابه اقليتي ڪميونٽي سان واسطو رکندڙ بيواهه يا طلاقيل عورت ٻي شادي ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته هن بل مطابق 18 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪرو توڙي ڇوڪري شادي نه ٿا ڪري سگهن، ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي اقليتي مسئلا هن بل ۾ شامل ڪيا ويا

جيتوڻيڪ سنڌ جي اسيمبلي جو اهو بهترين عمل آهي، بل پاس ته ٿيو آهي، پر نه ڄاڻ ڇو ان بل جا رولز آف بزنس اڃان تائين تيار ٿي نه سگهيا آهن، اهو ئي سبب آهي ته 2018 ۾ پاس ٿيندڙ بل اڃان تائين هيٺين سطح تائين نه آيو آهي، جنهن سبب بل تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي، بل جي هيٺين سطح تي پهچڻ کانپوءِ ئي ٿاڻن توڙي عدالتن ۾ ان بل جي حوالي سان هندو ڪميونٽي کي ڪو فائدو ملي سگهندو. تنهن ڪري سنڌ اسيمبلي ۾ موجود خاص طور تي اقليتي ميمبرن کي گهرجي ته ان بل کي جلد کان جلد مڪمل ڪرائين ته جيئن سنڌ ۾ ٿيندڙ هندو ڪميونٽي سان ناانصافي جو ازالو ڪري سگهجي.

اسان تي اهو پڻ فرض ٿئي ٿو ته جيڪي به پٺ تي پيل ماڻهن، مذهبي اقليتن توڙي عورتن جي حقن لاءِ بل پاس ٿيا آهن، انهن جي مالڪي ڪريون، ڏٺو وڃي ته ڪاروڪاري جي حوالي سان بل پاس ٿيل آهي، جنهن ۾ جوابدارن تي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻي آهي، پر بل پاس ٿيڻ کانپوءِ به هر روز سنڌ جي نياڻين کي ڪاري ڪري ماريو به وڃي ٿو پر ڇا ايف آءِ آر ۾ اهي قلم لاڳو ڪيا وڃن ٿا، يا پوليس کي ان قانون جي ڄاڻ آهي، سنڌ دوست ڌرين کي گهرجي ته جن جي علائقي ۾ اهڙي ڪا نياڻي ڪاري ڪري ماري وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ حد تي ٿاڻي تي وڃي ان نياڻي جي وارثن سان گڏجي ٿاڻي تي ايف آءِ آر ڪٽرائڻ ۾ مدد ڪريون ۽ اهي قلم لاڳو ڪرايون جنهن سان جوابدار کي گهٽ ۾ گهٽ سزا ته ملي سگهي، ڇاڪاڻ ته اڪثر پوليس ايف آءِ آر ته داخل ڪندي آهي، پر ان ۾ اهڙا قلم لاڳو ڪيا ويندا آهن جو ڪجهه ڏينهن ۾ جوابدار ضمانت تي آزاد ٿيڻ کانپوءِ ڪيس مان بري ٿي ويندو آهي، اهڙين حالتن ۾ اچو ته سنڌ جي مالڪي ڪيون.

You might also like