موسمياتي تبديلي ۽ ٻيلن جي کوٽ جانورن لاءِ موتمار ثابت ٿيندي : رپورٽ

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) موسمياتي تبديلي سان گڏ ٻيلن جي خطرناڪ تباهي کي جيڪڏهن شامل ڪيو وڃي ته  اها صورتحال جهنگلي جيوت لاءِ وڌيڪ موتمار ثابت ٿيندي ۽ ان جا اثر واضح طور تي سامهون اچي چڪا آهن.

ماهرن وڌيڪ خبردار ڪندي چيو آهي ته بنهه اهڙي ئي صورتحال جاري آهي ۽ جهنگلي جيوت لاءِ حياتي وڌيڪ تنگ کان تنگ ٿيندي پئي وڃي، جنهن جا تفصيل هفتوار سائنسي رسالي نيچر ۾ پڌرا ٿيا آهن.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سال 2000ع کان 2012ع  تائين ڀارت ۾ سوين ٻيلا ختم ٿي چڪا آهن ۽ هاڻ اتي جهنگلي جيوت جي واڌ ويجهه نه پئي ٿئي، رپورٽ ۾ ليکڪه چوي ٿي ته ٻيلن جي ختم ٿيڻ سان جانورن جو گهر ٽٽي پوندو آهي ۽ ان کانپوءِ جاندارن جو ٻئي هنڌ منتقل ٿيڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.

ٻيلن جي ختم ٿيڻ سان جانور ٿڌن علائقن جي ڳولا ۾ نڪرندا آهن پر کين ٿڌا علائقا ناهن ملندا، جيڪڏهن گرمي جو سلسلو ائين ئي جاري رهيو ته 2070ع تائين عالمي ايوريج گرمي پد ۾ ٻه ڏهائي ست درجا سينٽي گريڊ تائين واڌ ٿيندي ۽ ائين جهنگلي جيوت جي ڏکيائين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.

آب هوا بدلجندي آهي ته جاندارن جي اڪثريت يا ته پهاڙن تي ويندي آهي يا لهندي آهي، يا وري جيڪڏهن سامونڊي مخلوق آهي ته اها گرم کان سرد ۽ يا سرد کان گرم پاڻين جو رخ ڪندي آهي، پر موسم ايڏي تيزي سان بدلجي رهي آهي جو جانور نه اها برداشت ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي هو ڪنهن هنڌ منتقل ٿي سگهن ٿا.

هاڻ اها صورتحال آهي جو 550 جاندارن جي مخلتف علائقن ۾ اڌ يا ته ختم ٿي چڪو آهي يا فنا جي ويجهو آهي، انهن ۾ چيتا، ٽيندوا، ڀولڙا ۽ بلائن جهڙا جاندار به شامل آهن، اهي جاندار وڏو سفر طئي ڪري ڏورانهين علائقن ڏانهن نٿا وڃي سگهن ۽ ائين موسمياتي تبديلين ۽ ٻيلن جي تباهي سندن تابوت جو آخري ڪوڪو ثبات ٿيندي.

You might also like