شام ۾ رتوڇاڻ جاري، وڌيڪ سئو ڄڻا اجل جو شڪار

 

دمشق (ويب ڊيسڪ) شام جي اتر اولهه حصي ۾ حڪومتي فورسز ۽ جهادين وچ ۾ ٿيل تازين جهڙپن جي نتيجي ۾ سئو کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا.

سيريئن آبزرويٽري فار هيومن رائٽس موجب سيپٽمبر ۾ طئي ٿيل فائربندي معاهدي باوجود ان علائقي ۾ فوجي ڪارروائين ۾ واڌ نظر اچي رهي آهي.

جسر الشغور نالي علائقي ۾ پڻ اربع ڏينهن 8 شهري مارجي ويا هئا، جن ۾ ٻار به شامل هئا.

گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته شامي فورسز جي تازين ڪارروائين ۾ طبي مرڪز به بمباري سبب متاثر ٿيا.

شامي تڪرار ۾ 2011 کان وٺي هيل تائين 3 لک 70 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.