ڪرس پراٽ ٻي شادي ڪري ورتي….

لنڊن(ويب ڊيسڪ) جراسڪ ورلڊ، اوينجر، انفنٽي وار ۽ گارڊينز آف دي گليڪسي سميت ٻين مشهور فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ اداڪار ڪرس پراٽ طلاق ٿيڻ جي 8 مهينن کان پوءِ ٻي شادي ڪري ڇڏي.

 ڪرس پراٽ هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا، اڳوڻي ويٽ لفٽر، سياستدارن، سماجي ڪارڪن ۽ فلم ساز آرنلڊ شوازنيگر جي 29 ورهين جي نياڻي ڪيٿرين شوارزنيگر سان شادي ڪري ڇڏي.

 ٻنهي هلندڙ سال جي شروعات ۾ اوچتو مڱڻي ڪئي هئي جڏهن ڪرس پراٽ جي طلاق کي رڳو 2 مهينا گذريا هئا.

ڪرس پراٽ ۽ ڪيٿرين شوازنيگر وچ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان لاڳاپا هئا، پر هنن  سرعام ملندي ڪڏهن به نه ڏٺو ويو هو.

هنن کي جنوري ۾ مڱڻي ڪرڻ کان پوءِ ئي ملندي ڏٺو ويو هو.

ڪرس پراٽ ۽ ڪيٿرين شوازنيگر سادگي سان شادي ڪرڻ کان پوءِ مداحن کي سوشل ميڊيا ذريعي آگاهه ڪيو.

You might also like