رپورٽ: چوهڙ: ضلعي انتظاميا سار نه لڌي ڪيترائي هوڙا سمنڊ ۾ ڦاٿل

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: چوهڙ: ضلعي انتظاميا سار نه لڌي ڪيترائي هوڙا سمنڊ ۾ ڦاٿل
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: چوهڙ: ضلعي انتظاميا سار نه لڌي ڪيترائي هوڙا سمنڊ ۾ ڦاٿل

سجاول ضلعي جي سامونڊي پٽي واري تعلقي شاھبندر سميت سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ موسميات کاتي پاران وايو طوفان ۽ تيز برساتن جي اڳڪٿي سبب ضلع انتظاميا ڪي به اپاءُ نه ورتا جنهن سبب ڪيترائي هوڙا سمنڊ ۾ ڦاٿل آهن.

موسميات کاتي پاران اعلانيل سامونڊي وايو طوفان جي حوالي سان سجاول ضلعي انتظاميه شاهبندر تعلقي جي ساحلي پٽي واري علائقن ۾ ڪوبه الرٽ جاري نه ڪيو ويو آھي, جڏھن ته اطلاع نه هجڻ ڪري ڪيترائي هوڙا اڃان تائين اونهي سمنڊ ۾ ڦاٿل آھن

ڄاڻ موجب پاڪ نيوي جا اهلڪار بوٽن ۾ سوار ٿي اونهي سمنڊ ۾ ويل ماهيگيرن کي اطلاع ڏيئي رهيا آھن

پاڪستان فشر فوڪ فورم سجاول ضلعي جي ترجمان موجب ضلعي سجاول انتظاميا ڪو به الرٽ جاري نه ڪيو ويو آھي، جنهن جي ڪري ساحلي پٽي جي علائقن ۾ رهندڙ ماڻھن کي وايو طوفان جي ڪابه آگاهي نه ملي سگهي آھي ته جيئن اهي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي سگهن ,

وايو سامونڊي طوفان جي اڳڪٿي کانپوء مقامي ماڻھن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو آھي جڏھن ته گرمي پد پڻ وڌڻ لڳو آھي،ان حوالي سان موسميات کاتي پاران ايندڙ ٻه ڏينهن انتهائي اهم قرار ڏنا ويا آھن

شاهبندر تعلقي جي سياسي سماجي تنظيمن ۽ مقامي رهواسين حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته سامونڊي طوفان کان بچاءۡ لاء ڪي جوڳا انتظام ڪري رهواسين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري اونهي سمنڊ ۾ ويل ماهيگيرن کي واپس آڻڻ لاء ڪوششون ورتيون وڃن…………………

 

You might also like