چيني اسڪولن ۾ ٻارن جو طبي معائنو ڪندڙ روبوٽ مقرر

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) چين ۾ اسڪولن ۾ ٻارن جو طبي معائنو ڪرڻ لاءِ خاص روبوٽ تيارڪيو ويو آهي جيڪو رڳو ٽن سيڪنڊن اندر ٻارن جي اکين، زبان، منهن، هٿن ۽ پيرن جو معائنو ڪري ڪنهن به امڪاني بيماري کان خبردار ڪندو آهي.

روبوٽ  کي واڪ ليڪ جو نالو ڏنو ويو آهي،  جيڪو ٻن کان ڇهن ورهين تائين جي عمر ٻارن جي چڪاس ڪري ٿو.  شروعاتي طور اهو روبوٽ هر روزاٽڪل 2000 ٻارن جو معائنو ڪري رهيو آهي،  ٻار صبح اسڪول ايندي ئي روبوٽ کان معائنو ڪرائيندا آهن جنهن کان پوءِ پنهنجي، پنهنجي ڪلاسن ۾ داخل ٿيندا آهن.

روبوٽ جيئن ئي اهو ڪنهن بيماري جي علامت مثال طور اکين ۾ ڳاڙهاڻ يا منهن ۾ ڇالا وغيرا ڏسندو آهي ته ترت ويجهو موجود انساني نرس کي خبردار ڪندو آهي. سموري دنيا جي ماهرن ان تي مليل جليل ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. ڪجهه کيس تمام گهڻو اهم قرار ڏئي رهيا آهن ۽ ڪيئي ماهر ان کي ٻارن جي تعليم ۾ خلل قرار ڏئي رهيا آهن.

روبوٽ ۾ جديد ڪيمرا ۽ ٿرماميٽر لڳل آهي جيڪي بخار ۽ ٻين بيمارين کي نوٽ ڪري سگهن ٿا. ان روبوٽ جو مقصد ڊاڪٽر يا تربيت يافته اسٽاف گهٽ هئڻ جي صورت ۾ بيماري جي موجودگي  جي شڪ کي ظاهر ڪرڻ ۽ ان کان ڊاڪٽرن کي آگاهه ڪرڻ آهي.

ميساچيو سيٽس جي ٽفنس يونيورسٽي سان سلهاڙيل پروفيسر ڪيرن پينسيٽا روبوٽ جي آجيان ڪندي چيوآهي ته هي اهڙي آبادي لاءِ هڪ اهم ايجاد آهي جتي تربيت يافته ڊاڪٽرن جي کوٽ هوندي آهي. اهڙي روبوٽ سان ڪنهن به هنڌ بيماري جي ڦهلجڻ ۽ وبا جي صورت اختيار ڪرڻ تي به نظر رکي سگهجي ٿي.

روبوٽ جي قميت اٺ کان ڏهه لک پاڪستاني رپين جي برابر آهي.

ان جي خاص ڳالهه اها آهي ته روبوٽ جي سافٽ ويئر ۾ هٿرادو ذهانت جو سافٽ ويئر آهي جيڪو علامت جو غور سان جائزو وٺي پنهنجو فيصلو ٻڌائيندو آهي ۽ ائين ڪنهن بيماري ڦهلاءَ تي به نظر رکندو آهي.

You might also like