چائنيز پڪوڙا

رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ پيش آهن مزيدار چائنيز پڪوڙا، جيڪي لذيذ به آهن ۽ صحت بخش به.

شيون…

وانڳڻ 2 عدد

گوبي ۽ پٽاٽا 2 عدد

بصر 2 عدد

شملا مرچ 3 عدد

ميدو 2 ڪپ

ڳاڙهامرچ 1 چانهن جو ڪپ

زيري جو پائوڊر 1 چانهن جو ڪپ

لوڻ ذائقي موجب

ليمي جو شربت 2 کائڻ جا چمچا

پاڻي 1 ڪپ

تيل ضرورت موجب

اجينو موتو 1 چانهن جو ڪپ

طريقو:  هڪ پيالي ۾ ميدو، زيري جو پائوڊر، لوڙ، ڳاڙهيون مرچون، ليمن جو شربت ۽ پاڻي ملائي پيسٽ ٺاهيو، وانڳڻ کي کلن سميت ننڍن ڪيوبن جيان ڪٽيو، گوبي جا گُل جدا ڪري بسرن ۽ شملا مرچن کي به باريڪ نموني ڪٽيو، هاڻ انهن سڀني ڪٽيل شيعن تي ميدو ٻُرڪيو، هڪ پين ۾ تيل گرم ڪري پوءِ ڀاڄين جي پيسٽ ۾ مڪس ڪري تيل ۾ وجهي فرائي ڪري وٺو

تيار آهن مزيدار چائنيز پڪوڙا.

You might also like