چيني وفد جي وزيراعظم کي پنج ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري جي خاطري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ چيني بزنس ڪميونٽِي جي وفد ٽن کان پنجن سالن ۾ 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان سان چيني بزنس ڪميونٽي جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چيني وفد وزيراعظم کي ٽن کان پنجن سالن تائين پنج ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي آهي جڏهن ته ننڍي ۽ وچولي طبقي جي چيني ڪمپنين سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ننڍي ۽ وچولي شعبي جي چيني ڪمپنين انڊسٽري پاڪستان منتقل ڪرڻ تي غور ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ چين جو عوام دوستي جي مضبوط ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي، چين هر ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي،  چين جي قيادت جي ويزن ۽ تدبر مان متاثر آهيون.  هن چيو ته چين جو امن ۽ ترقي، گورننس ۽ غربت جي خاتمي جي حڪمت عملي متاثر ڪندڙ آهي، اسان چين جي ترجبن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ منصوبو پاڪستان چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو، منصوبو واپاري لاڳاپن کي به هٿي ڏيڻ ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو،  سي پيڪ تحت مختلف منصوبن کي عملي جامو پهرائڻ چاهيون ٿا.