چين آمريڪا کي خبردار ڪري ڇڏيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) تائيوان جي معاملي تي چين جي اعليٰ سفارڪتار وانگ يي آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته هو باهه سان نه کيڏي.

وانگ اهو بيان هنگري جي دوري جي موقعي تي بوداپيسٽ ۾ ڏنو.

هن چيو ته ڪا به ٻاهرين قوت چين جي اتحاد کي نٿي روڪي سگھي. وانگ يي جو اهو بيان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ان قدم جي رد عمل ۾ سامهون آيو آهي جنهن تحت محڪمي تائيوان کي ٻه ڀاڳي ٻه بلين ڊالرن جي اسلحي جي وڪري جي منظوري ڏني هئي. چين تائيوان کي پنهنجو حصو سمجهندو آهي جيتوڻيڪ تائيوان ۾ پنهنجي جمهوري حڪومت قائم آهي.

You might also like