رپورٽ: چيلهار: بااثرن پاران ناري کي اغوا بعد لڄالٽ جو نشانو بڻائي ويڊيو ڀرڻ جو انڪشاف

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: چيلهار: بااثرن پاران ناري کي اغوا بعد لڄالٽ جو نشانو بڻائي ويڊيو ڀرڻ جو انڪشاف
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: چيلهار: بااثرن پاران ناري کي اغوا بعد لڄالٽ جو نشانو بڻائي ويڊيو ڀرڻ جو انڪشاف

 

چيلھار ڀرسان ڳوٺ دلن جي تڙ ۾ 16 سالن جي نينگري مومل ميگھواڙ بااثرن پاران اغوا بعد لڄالٽ جو نشانو بڻائي ويڊيو ڀرڻ جو انڪشاف ٿي ويو آهي

متاثر ناري ۽ سندس والدين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڳوٺ جي ابااثرن سوائي ميگهواڙ، آدم دل ۽ قبول راهمون اغوا بعد لڳاتار پنهنجي حوس جو نشانو بڻائي تذليل ڪئي

هن چيو ته جوابدارن ڳالهه ڪنهن نه ٻڌائڻ لاءِ ويڊيو ڀري کيس ذهني تشدد ڪيو پيو وڃي

متاثرڪٽنب دانهيندي چيو ته واقعي خلاف چيلهار پوليس کي دانهن ڏني پر پوليس اڃا تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو تنهن ڪري هو سخت عذاب ۾ ورتل آهن.

احتجاج ڪندڙ متاثرن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي واقعي ۾ شامل جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي………………..

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.