چمبڙ ۾ نينگر شاخ ۾ وهنجندي نينگر فوت

چمبڙ  (ويب ڊيسڪ) چمبڙ ڀرسان گرميءَ سبب بلغار شاخ ۾ وهنجندي نينگر ٻڏي فوت ٿي ويو.

علي آباد فارم ويجهو بلغار شاخ ۾ وهنجندي 15 ورهين جو نينگر  ڪانجي ڪولهي مرگهي جو دورو پوڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو.

جڏهن ته  شاخ جي ڪپ تي موجود ٻارڙن جي رڙين تي مقامي ماڻهن پهچي ٻڏي ويل نينگر جو مڙهه ڪڍيو.

وارثن جو چوڻ آهي ته سندس پٽ کي مرگهي جا دورا پوندا هئا، جڏهن ته اڄ گرمي سبب هو شاخ تي وهنجڻ ويو جتي ٻڏي فوت ٿيو آهي

You might also like